ڪوئيٽا ( م ڊ ) نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نيشنل پارٽي سياست بدران سياست نه پر سماجي تبديلي جو قائل آهي، جيڪي دنيا جي ٻين انسانن کي حاصل آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پارٽي جي ميمبرن جي مان ۾ ڪوٺايل آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته 8 فيبروري جي عام چونڊن ۾ اسان جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو، نيشنل پارٽي جي عوامي مينڊيٽ کي کسيو ويو، ان چونڊن ۾ هزارا قوم جي ٻن ، سنڌي ۽ پنجابي قوم جي هڪ هڪ سيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، ملڪ ۾ هرطرف بيچيني ڇانيل آهي، عوام جو استحصال ڪيو پيو وڃي، ملڪ جون طاقتور ڌريون ملڪ کي جنهن طرف وٺي وڃي رهيون آهن اها وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي. هن چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي جي عوام سان ناانصافيون جاري آهن، ٻنهي صوبن جي وسيلن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن. ٻنهي صوبن ۾ انساني زندگيون به محفوظ ناهن، انتهاپسندي ذريعي هزارا برادري جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ نه پارليامينٽ جي بالادستي آهي نه عدالتون آزاد آهن ۽ نه ئي جمهوريت نظر اچي رهي آهي، حڪومت يرغمال بڻيل آهي، ضلعي ليول جي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ به اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ آهي.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو