نه سنيدي، نه نيها، نه شريا گهوشال! هندستان جو امير ترين ڳائڻي ڪير ؟

جيڪڏهن اسان بالي ووڊ جي مقبول ترين گلوڪارن جي ڳالهه ڪريون ته انهن ۾ ٽي نالا آهن جيڪي سوشل ميڊيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهور آهن.عام طور تي ائين ٿيندو آهي ته ماڻهو گيت ته ٻڌن ٿا پر انهن گانن جي پويان ڳائڻي جي آواز تي ڌيان نه ڏيندا آهن، پر نيها ڪڪر، سنيڌي چوهان ۽ شرييا گهوشال جي گيتن ۾ سندن آواز آسانيءَ سان سڃاڻي ويندو آهي.اهڙي طرح ته ٻيا به ڪيترائي ڀارتي ڳائڻا جن فلمن ۾ پلي بيڪ سنگنگ ڪيا آهن اهي مشهور آهن پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن ٽنهي کي هڪ ڳائڻي کان شڪست ڏني وئي ڇو ته هوءَ هندستان جي امير ترين ڳائڻي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب تلسي ڪمار کي بالي ووڊ جي امير ترين ڳائڻي جو اعزاز حاصل آهي، تلسي ڪمار مشهور ميوزڪ ڪمپني ٽي سيريز جي مالڪ ڪمار خاندان جو حصو آهي، جيڪا 210 ڪروڙ ڀارتي روپين ۽ 25 ملين آمريڪي ڊالرن جي ملڪيت آهي. رپورٽ موجب، اها دولت نه رڳو سندس ڳائڻي ڪيريئر مان آئي آهي پر ٽي-سيريز جي ڪاروبار ۾ به سندس اهم حصيدار آهي، جيڪو دنيا جي وڏين ميوزڪ ۽ فلم پروڊڪشن ڪمپنين ۾ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو