اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته زرعي شعبي ۽ دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي پاليسين ۾ تسلسل هئڻ گهرجي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ فيصلا اڻٽر آهن، حڪومت جي بهتر پاليسين سبب مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، خانگي شعبي معيشيت مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.ڪراچي ۾ چيمبر آف ڪامرس کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت جي بهتر پاليسين سبب مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، سموريون ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۾ بهتر ناڻو ڪمائي رهيون آهن، ميڊ ان پاڪستان پراڊڪٽس کي سموري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڌرڻن ۽ ريلين تي روزاني 90 ارب رپين جو خرچ ٿيندو آهي، سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته مشڪل سياسي صورتحال باوجود سيڙپڪار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن، خانگي شعبي کي معاشي ترقي جي قيادت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي سمگلنگ کي روڪيو ويو آهي، منع ٿيل شين جي سپلاءِ ۽ وڪري کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪن پيا، ٽن صوبن ۾ قدم کڻي چڪا آهن، سنڌ سرڪار سان گڏجي به قدمن کي قطعي شڪل ڏيڻي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته زرعي شعبي ۽ دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو، حڪومت ڀلي ڪنهن جي به هجي پاليسين ۾ تسلسل هئڻ گهرجي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ فيصلا اڻٽر آهن.
تاجل بيوس عظیم شاعر
سنڌيار سکر 13 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 13 ڊسمبر 2024ع
نئون ڪوٽ ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا، موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت،5 زخمي
عارف علوي کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
صدر مدرسي واري بل تي آئيني مدو گذرڻ کان پوءِ اعتراض ڪيو،مولانا
سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين: رياض چانڊيو
عبدالقادر شيخ پاران صحافي جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت،دعا
ڦليلي ٽانگا اسٽينڊ تي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ معصوم نينگر فوت
توشه خانا ڪيس 2، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو
وزيرن جي غير حاضري، ڊپٽي اسپيڪر پاران ايوان نه هلائڻ جو اعلان
سنڌ جي 5 ضلعن جا ڊي سي ۽ اهم عهدن تي مقرر آفيسر تبديل
جيڪو فوج ۾ ناهي، ان تي فوج جا ضابطا ڪيئن ٿا لاڳو ڪري سگهجن؟
گڏيل قومن مان غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار، انڊيڪس هڪ لک 14 هزار جي حد پار
ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي
جيڪب آباد واسي فوجي جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد
لولائي شاخ وٽ مقابلو ، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
سنڌڙيءَ ۾ گيس ليڪيج سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت