دمشق(ويب ڊيسڪ) شام تي اسد خاندان جي 53 سالن جي اقتدار جو خاتمو ٿي ويو آهي ۽ شامي صدر بشار الاسد خاندان سميت نامعلوم ملڪ ڏانهن پنهنجي جهاز ۾ فرار ٿي ويو آهي. روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته مزاحمتي باغي گروپن جي اڳواڻڻ سان ڳالهين بعد بشار الاسد صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آچر جي فجر وقت باغي گروپ ’حئيت التحرير شام‘ وفاقي راڄڌاني دمشق تي قبضي جو اعلان ڪيو ته اسين اڄ هڪ ظالم حڪمران کان آزادي حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي اسانجو مستقبل روشن آهي. مسجدن مان فتح جا اعلان ٿيڻ شروع ٿيا ۽ شهري خوشي ملهائيندي ٻاهر نڪري آيا ۽ باغين جي هٿياربند دستن کي مبارڪون ڏيندا رهيا. گذريل هڪ هفتي يعني 27 نومبر کان ادلب شهر کان شروع ٿيل تازي بغاوت جي لهر دوران باغي شام ملڪ جي ٽن وڏن شهرن اليپو، حما ۽ حمس تي قبضي بعد ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات گادي واري شهر دمشق ۾ داخل ٿيا. حافظ الاسد 29 سال حڪمران رهڻ بعد جڏهن وفات ڪئي ته 2000 ۾ سندس پٽ بشار الاسد کي اقتدار مليو جيڪو آچر 8 ڊسمبر تي ختم ٿيو. حافظ الاسد طاقت جي زور تي حڪمراني ڪئي ۽ ڪنهن به مخالف کي برداشت نه ڪيو ويندو هو. بشار الاسد جي حڪمران ٿيڻ بعد اميد هئي ته هو نوجوان آهي ۽ شايد شهرين کي آزادي ملي پر هن ايران ۽ روس جي مدد سان پنهنجي مخالفن کي والد جيان ڪچلڻ شروع ڪيو. 2011 ۾ سندس خلاف بغاوت شروع ٿي جنهن کي هن روس ۽ ايران جي مدد سان ختم ڪيو ۽ باغي ادلب شهر تائين محدود ٿي ويا. ان دوران 5 لک ماڻهو مارجي ويا ۽ 60 لک شامين، ترڪي، لبنان ۽ ٻين پاريسري ملڪن ۾ پناهه ورتي. باغي گروپ جيڪو ماضي ۾ القائده جواتحادي به رهيو آهي، تنهن کي اسرائيل، ترڪي ۽ امريڪا جي حمايت حاصل آهي. جيتوڻيڪ آمريڪا ماضي ۾ باغي گروپ کي دهشتگرد ڊڪليئر ڪري چڪو آهي پر مڊل ايسٽ مان ايران ۽ روس جو اثر رسوخ ختم ڪرڻ لاءِ اندروني طور ٻاعي گروپ جي مدد ڪندو رهيو آهي. بشار الاسد جي فرار ٿيڻ ۽ باغين جي قبضي بعد اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو شام سنا ملندڙ سرحدي علائقي جو دورو به ڪيو آهي. دمشق ۾ موجود بي بي س جي نمائندي مس لينا سنجاب جو چوڻ آهي ته جي ايم ٽي 3 وڳي جشن ملهائڻ بعد ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جو چيو ويو آهي. ان کان اڳ شهرين جي وڏي انگ بشارالاسد جي محل م داخل ٿي لٽ مار ڪئي. جنهن تي باغين کين ٻاهر ڪڍيو ۽ لٽ مار کان منع ڪئي آهي. ڏيهي خابرو ادارن موجب اميه اسڪوائر ۾ عوام پاران جشن ملهائيندڙ شهرين شامي فوج جي ٽينڪن تي چڙهائي ڪئي. دمشق ۾ باغي مليشيا کي ڪنهن به مزاحمت جو مقابلو ڪرڻو نه پيو، شامي فوج مزاحمت نه ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي. باغي گروپ حيات التحرير الشام مليشيا جي سربراهه ابو محمد الجولاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم محمد غازي الجلالي جي سربراهي ۾ عبوري انتظاميا ملڪي معاملا هلائيندي جيسين پر امن طور اقتدار جي منتقلي جو فيصلو ٿئي. شام ۾ موجود روسي فوجين جي دستن کي ترڪي جي فوج حفاظت جي خاطري ڪرائي آهي. شام تي باغين جي قبضي ۽ بشار الاسد جي فرار ٿيڻ سان خطي م ايران کي به وڏو ڌچڪو لڳو آهي. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز سرحد جي حفاظت کي مضبوط ڪرڻ لاء قنيترا بفر زون ۾ داخل ٿي ويا آهن.ان کان اڳ اهڙا اطلاع مليا هئا ته شامي باغين دمشق ۾ بچاءَ واري وزارت، ايئرپورٽ ۽ سرڪاري ٽي وي جي عمارت تي قبضو ڪري ورتو آهي. شام جي صورتحال جي حوالي سان اڳوڻي وزيراعظم محمد غازي الجالي پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان پنهنجي گهر ۾ آهيان ۽ عوام طرفان چونڊيل ڪنهن به قيادت سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو