اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 9 مئي سانحي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي عمران خان جي درخواست منظور ڪري ورتي.سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ جي باني پاران 9 مئي سانحي جي جوڊيشل انڪوائري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ عمران خان جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواست عوامي اهميت جي ناهي، ان تي اعتراض آهن، جنهن تي عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪندي ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.پي ٽي آءِ جي باني وڪيل حامد خان چيو ته اڍائي سال ٿي ويا آهن، خبر آهي 9 مئي تي ڇا ٿيو؟ 9 مئي کان پوءِ سوين ڪيس ٿيا، هڪ سياسي پارٽي کي ڀت سان لڳايو ويو.ان تي جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته توهان هاءِ ڪورٽ جو ڇو نه رابطو ڪيو؟عدالت پي ٽي آءِ باني جي وڪيل کي چيو ته هو رڳو رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري رهيا آهن، ميرٽ تي ڪيس اڃا تائين ناهي ٻڌو ويو، ڪيس جي ري شيڊول ٿيڻ تي عدالت کي اٿاريل سوالن کي پورو ڪرڻو پوندو.ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته ڪميشن ٺهي ته رڳو ذميواري طئي ڪندي، جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ سان فوجداري ڪيسن تي اثر نه پوندو.بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
توشه خانا ڪيس 2، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو
وزيرن جي غير حاضري، ڊپٽي اسپيڪر پاران ايوان نه هلائڻ جو اعلان
ڪو ماڻهو فوج ۾ ناهي، ان جي نظم و ضبط جو پابند ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟
جنرل اسيمبلي، غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ وڏي اڪثريت سان منظور
پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان دنيا جو بهترين ملڪ آهي
هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 13 هزار پوائنٽس جي حد پار
ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ پاڪ فوج جو اهم ڪردار آهي
جيڪب آباد واسي فوجي جوان دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد
لولائي شاخ وٽ مقابلو ، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
سنڌڙيءَ ۾ گيس ليڪيج سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت
بازئي فيصلو ڪالعدم، صاحب جو حڪم آيو ڪميشن ڪري ڇڏيو
صدر زرداري سان چيني واپاري وفد جي ملاقات،سيڙپڪاري بابت ڳالهيون
توشه خانه 2، ايف آءِ اي بشريٰ جي ضمانت رد ڪرائڻ ۾ ناڪام
نقوي سان خٽڪ جي ملاقات،گڏيل مامرن تي ڳالهيون
شام جي خودمختياري جو احترام ڪرڻي گهرجي: ممتاز بلوچ
”سڀن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان“ ، سلمان اڪرم
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو
26هين آئيني ترميم سياسي بحران ۾ واڌپئي ڪري: لياقت بلوچ
بلوچستان ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڀينرون اجل جو شڪار
پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جا رانديگر سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيندا