جانورن کان به حدون اورانگهي ويندڙ اڄ جو انسان

طفيل مگسي
انسان کي الله رب العزت عقل.شعور ۽ اخلاقي برتري ڏئي ڪري اشرف المخلوقات جي بلند مقام تي رسائي ڇڏيو.ليڪن وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهوئي حضرت انسان پنهنجي اخلاقيات.روحانيت ۽ انسانيت جهڙي عظيم هستي کان ڏور ٿيندو پيو وڃي.اڄ جي دور ۾ انسان جي روين ۽ عملن کي ڏسي ڪري ائين محسوس ٿيئي ٿو ته هو پنهنجن بنيادي انساني قدرن کي وساري چڪو آھي ۽ ڳجهن جهڙيون صفتون اختيار ڪري چڪو آھي ۽ ڳجهن جي فطرت ۾ ڍونڍ خوري ۽ لاشن کي پٽڻ هوندو آھي ۽ اڄ جو انسان پنهنجين مفادن جي لاء ٻين جي مشڪلاتن ۽ مسئلن کان ناجائز فائدو وٺي رهيو آھي.جنهن جي سبب کان هو هڪ قسم جو درنده صفت بڻجي چڪو آھي.هن مضمون ۾ اسان ان جي مختلف سببن جو جائزو وٺنداسين ۽ دليلن سان گڏ ثابت ڪنداسين ته ڇو اڄ جو انسان ڳجهين جهڙو درندو بڻجي ويو آھي.
1-لالچ ۽ خود غرضي.
ڳجهيون پنهنجي بک مٽائڻ جي لاء مئل جانورن(ڍونڍن)تي ٽٽي پونديون آھن ۽ ان جي لاء ڪنهن اصول يا اخلاق جي ڪا حد ناهي هوندي.ساڳئيء ريت اڄ جو انسان به لالچ ۽ خود غرضي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آھي.هر شخص صرف پنهنجي فائدي جي فڪر ۾ آھي ۽ ٻين انسانن جي ڏکن.دردن ۽ مسئلن جي پرواه نٿو ڪري.دولت.طاقت ۡ۽ عهدن جي لالچ انسان کي ايترو ته انڌو ڪري ڇڏيو آھي ته هو ٻين جي حقن کي پائمال ڪرڻ ۾َڪا شرمساري محسوس نٿو ڪري.
قران مجيد ۾ الله تعالي انسان جي ان فطرت ڏانهن اشارو ڪيو آھي“۽ توهان کي وڌ کان وڌ (دنيا جو) مال و دولت گڏ ڪرڻ جي لالچ انڌو ڪري ڇڏيو .ايستائين ته قبرن تائين وڃي پهتو“(سورۃ التڪاثر: 1-2).
اها آيت هن ڳاله جو دليل آھي دنياوي لالچ انسان کي پنهنجي حياتي جي مقصد کان غافل ٿي ڪري ڇڏي ٿي ۽ ھو خود غرضي جي انتها تي پهچي وڃي ٿو.
2-اخلاقي زوال. .
ڳجهين جيان جيڪي ڍونڍ تي ٽٽنديون آھن.اڄ جي انسان به پنهنجين اخلاقي اصولن کي گهري کڏ ۾ وجهي ڇڏيو آھي.ڪوڙ.دوکو.فريب ۽ استحصال معاشرتي اصول بڻجي چڪا آھن.انسان پنهنجي اخلاقيات جي قدرن کي وساري ڪري ٻين کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آھي ته جيئن هو پنهنجي ذاتي خواهشن ۽ مفادن جو پورائو ڪري سگهي.
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو.
“توهان منجهان بهترين اهي آھن جن جا اخلاق سڀني کان سٺا آھن.(بخاري).
ان حديث جي روشني ۾ ڏٺو وڃي ته اڄ جي انسان جا رويا ان حديٽ جي بلڪل مختلف(ابتڙ) آھن.سٺي اخلاق جي بجاء لالچ.ڪوڙ ۽ دوکو سڀني تي غالب آھي.
3-انساني رشتن جي ويڳاڻپ.
اڄ جو انسان پنهنجي مفادن جي خاطر پنهنجن ويجهڙن مائٽن کي به نظر انداز ڪرڻ لڳو آھي.والدين.ڀيڻ ڀائر.دوست ساٿي سڀني کي ذاتي مفادن جي حوالي ڪيو ويو آھي.ڳجهيون به پنهنجي شڪار ۾ ڪنهن به قسم جو رشتو ناهن ڏسنديون بلڪ اهي صرف پنهنجي بک مٽائڻ جي لاء لاشن تي ٽٽنديون آھن.ساڳئيء ريت انسان به صرف پنهنجن مفادن کي ڏسي ٿو ۽ رشتن جي قدر و محبت کي وساري ڇڏي ٿو.
اسلام ۾ رشتن جي اهميت تمام گهڻي آھي ۽ قرآن ۾ الله تعالي فرمائي ٿو.
“۽ توهان پنهنجن پيجهن مٽن مائٽن سان احسن سلوڪ ڪيو“( سورۃ النساء: 36 ).
اها آيت هن ڳاله جي پاسي اشارو ڪري ٿي ته رشتن جي حفاظت ۽ انهن جو احترام هڪ بنيادي اسلامي اصول آھي.ليڪن اڄ جو انسان انهن اصولن کي وساري چڪو آھي.
4-ڪمزور طبقي جو استحصال.
ڳجهين جي فطرت ۾ ڪمزور ۽ بيوس جانورن جي لاشن تي ٽٽڻ شامل آھي ۽ اڄ جو انسان به ساڳئيء ريت ڪمزور ۽ بيوس انسانن جو استحصال ڪري ٿو.غريب.يتيم ۽ نادار فرد معاشرتي بي انصافي جو شڪار آھن ۽ طاقتور طبقو انهن جو رت چوسي ڪري پنهنجي طاقت ۽ دولت ۾ واڌارو ڪري رهيو آھي.ان معاشرتي بي انصافي ۽ ظلم انسان کي اخلاقي طور ٿي گجه جهڙو بڻائي ڇڏيو آھي.
قرآن مجيد ۾ الله تعالي ظلم ۽ استحصال کان منع ڪئي آھي.
“۽ توهان ڪنهن تي ظلم نه ڪيو .توهان تي به ظلم نه ڪيو ويندو“( سورۃ البقرہ: 279 ).
اها آيت هن ڳاله جو دليل آھي ته الله تعالي انصاف جو حڪم ڏنو آھي ۽ ظلم و استحصال کي منع فرمايو آھي.ليڪن اڄ جو انسان انهن حڪمن کي نظر انداز ڪري رهيو آھي.
5- رتوڇاڻ.
ڳجهيون سدائين موت ۽ تباهيء کانپوء نروار ٿينديون آھن ۽ اڄ جي انسان جي حالت به بلڪل اهڙي ئي ٿي چڪي آھي.دنيا ۾ طاقت ۽ اقتدار جي لاء جنگيون وڙھيون پيون وڃن ۽ لکين بي گناه انسان ان رتو ڇاڻ جا شڪار ٿي رهيا آھن.جنگيون.فساد ۽ نسلي تعصب انسان کي هڪ ڳجه جيان بڻائي ڇڏيو آھي.جيڪي لاشن تي ٽٽن ٿيون ۽ موت و تباهي کانپوء پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪن ٿيون.
الله تعالي قرآن ۾ فرمائي ٿو.
“۽ زمين ۾ فساد نه پکيڙيو.جڏھن ان جو سڌارو ٿي چڪو آھي“(سورۃ الاعراف: 56 ).
اها آيت هن ڳاله جي پاسي اشارو ڪري ٿي ته زمين ۾ فساد ۽ رتوڇاڻ الله جي نافرماني آھي.ليڪن اڄ جو انسان انهن حڪمن کي وساري چڪو آھي.
6-ماحول جي تباهي.
جهڙي ريت ڳجهيون لاشن تي ٽٽنديون آھن.اڄ جو انسان به فطرت ۽ ماحول کي تباه ڪرڻ ۾َمصروف آھي.فطري وسيلن جو بي انتها استعمال.جنهنگن جي واڍي ۽ ماحولياتي آلودگي انسان جي خود غرضي ۽ مادي خواهشن جو نتيجو آھن.انسان زمين جي وسيلن کي ختم.ڪري پنهنجي ئي بقا کي خطري ۾ وجهي رهيو آھي.
قرآن شريف ۾َ الله فرمايو آھي.
“خشڪي ۽ پاڻي ۾ فساد پکڙجي چڪو آھي.ماڻھو پنهنجن هٿن سان ئي نقصان ڪن پيا“( سورۃ الروم: 41 ).
اها آيت هن ڳاله جي وضاحت ڪري ٿي ته انسان جي عملن زمين ۽ سمنڊ ۾ تباهي پکيڙي آھي ۽ اها تباهي انسان جي خودغرضي ۽ ڳجه جهڙي رويي جو نتيجو آھي.
7-روحاني زوال-
اڄ جو انسان پنهنجي روحاني اخلاقي قدرن کان ڏور ٿي چڪو آھي.مادي خواهشن ۽ دنياوي لذتن انسان کي روحاني سڪون ۽ اطمينان کان محروم.ڪري ڇڏيو آھي.ڳجه جيان جيڪا مئل جسمن کي پٽي ٿو.انسان به مادي لذتن جي پٺيان ڊوڙندو ڊوڙندو پنهنجي روحاني زندگي ختم ڪري رهيو آھي.
نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم .
“دنيا جي محبت هر گناه جي پاڙ آھي“(ترمذي).
اها حديث هن ڳاله جو دليل آھي ته دنيا جي محبت ۽ مادي خواهشون انسان کي زوال ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.اڄ جو انسان پنهنجي فطرت انساني ۽ اخلاقي قدرن کي وساري ڪري ڳجه جهڙو درندو بڻجي ويو آھي.لالچ.خودغرضي.بي انصافي .رتوڇاڻ ۽ ماحول جي تباهي جهڙا عمل هن ڳاله جو دليل آھن ته انسان پنهنجي اصلي فطرت کان پرهائجي چڪو آھي.جيڪڏھن انسان کي پنهنجي انسانيت ۽ اخلاقي قدرن کي بحال ڪرڻو آھي ته ان کي لالچ ۽ خودغرضي کي ڇڏي ڪري انصاف.محبت ۽ روحانيت ڏانهن واپس اچڻو پوندو.ٻي صورت ۾ انسان جو اهو زوال کيس کي تباهي ڏانهن وٺي ويندو.جنهن جو نتيجو دنيا ۽ آخرت ٻنهيء ۾ ناڪام ٿيندو

پهنجو تبصرو موڪليو