ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن سنڌ سينئر سٽيزن ڪارڊ جاري ڪيو آهي، جيڪو بزرگ شهرين کي طبي سهولتون، سفر ۾ آساني، ۽ ٻيون بنيادي سهولتون مهيا ڪندو،” سماجي ڀلائي کاتي جي وزير مير طارق علي خان ٽالپر اڄ منعقده تقريب ۾ چيو.سماجي ڀلائي کاتي سنڌ، نادرا جي سهڪار سان، بزرگ شهرين جي مدد لاءِ هن تاريخي پروگرام جو آغاز ڪيو آهي. نادرا جي انگن اکرن موجب، سنڌ سينئر سٽيزن ڪارڊ 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي 37 لک شهرين کي فائدو پهچائيندو، جنهن جي ذريعي انهن کي صحت جي سهولتن، سفر ۾ آساني، ۽ ٻين شهري خدمتن تائين بهتر رسائي فراهم ڪئي ويندي.پهرين “آزادي ڪارڊ” جي نالي سان سڃاتو ويندڙ هن قدم کي هاڻي نئين نالي سان متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو بزرگ شهرين جي عزت ۽ ڀلائي لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.تقريب ۾ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ سماجي ڀلائي کاتي جي وزير مير طارق علي خان ٽالپر، سماجي ڀلائي کاتي جو سيڪريٽري پرويز احمد سيهر، ڊائريڪٽر جنرل سماجي ڀلائي اظهر حسين ميراني، نادرا ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل احتشام شاهد، ۽ پروگرام مئنيجر جنيد شوڪت شامل هئا۔تقريب کي خطاب ڪندي وزير مير طارق علي خان ٽالپر هن منصوبي جي اهميت تي روشني وڌي”سنڌ سينئر سٽيزن ڪارڊ اسان جي بزرگ آبادي جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هي قدم انهن کي اهو عزت ۽ خيال فراهم ڪري ٿو جنهن جا اهي حقدار آهن ۽ ضروري خدمتن تائين آسان رسائي مهيا ڪري ٿو. اسان جا بزرگ شهري اسان جي تاريخ ۽ ثقافت جو بنياد آهن. انهن لاءِ عزت ۽ آرام سان زندگي گذارڻ اسان جو اخلاقي فرض آهي.”هن وڌيڪ چيو “هن پروگرام جي ذريعي اسان اهڙو سماج ٺاهڻ جو ارادو رکون ٿا جيڪو پنهنجي بزرگن جي عزت ڪري ۽ انهن جو خيال رکي. سنڌ حڪومت بزرگ شهرين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ۽ هي ڪارڊ انهن ڪيترن ئي قدمن مان هڪ آهي جيڪي اسان هڪ وڌيڪ شامل ۽ مهربان معاشري جي تعمير لاءِ کڻي رهيا آهيون.””سنڌ سينئر سٽيزن ڪارڊ صرف هڪ ڪارڊ ناهي پر حڪومت طرفان پنهنجن شهرين سان واعدو آهي ته سندن سماج لاءِ ڪيل سهولتون ڪڏهن به وساريون نه وينديون. اسان اهو يقيني بڻائي رهيا آهيون ته بزرگ شهرين کي بهتر صحت جون سهولتون، بنا رڪاوٽ سفر، ۽ ٻين شهري خدمتن تائين رسائي حاصل ٿئي، جيڪي انهن جي زندگي کي آسان بڻائين.”نادرا ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل احتشام شاهد هن مقصد لاءِ نادرا جي وابستگي جو اظهار ڪندي چيو:”اسان سماجي ڀلائي کاتي سنڌ سان شراڪت تي فخر محسوس ڪريون ٿا. سنڌ سينئر سٽيزن ڪارڊ اسان جي بزرگ شهرين لاءِ مختلف خدمتن تائين رسائي کي نمايان طور آسان بڻائيندو، جيڪي گهڻو عرصو سماج لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا آهن.”سنڌ سينئر سٽيزن ڪارڊ بزرگ شهرين لاءِ هڪ سڃاڻپ جو وسيلو بڻجندو، جيڪو انهن کي صحت جي خيال ۽ سفر جي سهولتن سميت ضروري خدمتن تائين رسائي فراهم ڪندو.سماجي ڀلائي کاتو سنڌ معاشري جي ڪمزور طبقن کي مضبوط بڻائڻ ۽ شموليت ۽ خيال کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو