”سڀن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان“ ، سلمان اڪرم

پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اسان سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪرڻ جون خبرون غلط آهن، عمران خان سمورن اڳواڻن تي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان ۾ مون سميت ٻين اڳواڻن کي به شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي وئي آهي.اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي سوال تي سلمان اڪرم چيو ته اسان سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ڳالهيون ممڪن هيون ۽ ڳالهيون هميشه ٿيڻ گهرجن.پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ سراسر غلط ۽ بيوقوفي هوندي، صوبي کي وڌيڪ انتشار ۾ نه وجهو.

پهنجو تبصرو موڪليو