پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايس آءِ ايف سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (IFEM) جي اجلاس ۾ پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي اگهن ۾ اڍائي رپيا واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اهو اثر ESCROW اڪائونٽس ڏانهن منتقل ڪيو ويندو جيڪي ريفائنريز جي اپ گريڊ منصوبن لاءِ استعمال ڪيا ويندا، اهو هڪ عارضي بندوبست هوندو ۽ ايندڙ بجيٽ تائين جاري رهندو.ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ اوگرا کي هدايت ڪئي وئي ته هو آءِ ايف اي ايم ۾ واڌ جي اثرن جو جائزو وٺي ۽ پيٽروليم ڊويزن کي سمري تيار ڪري، جيڪا منظوري لاءِ اي سي سي ۾ پيش ڪئي ويندي بهرحال پارڪو جنهن وٽ 48٪ مارڪيٽ شيئر آهي، IFEM جي واڌ جي خلاف آهي، ان کي هڪ عارضي انتظام سڏيندي.اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن کي هدايت ڪئي وئي ته هو مقامي ريفائنريز جي 5 کان 6 ارب ڊالرن جي اپ گريڊيشن منصوبن جي شروعات لاءِ هڪ هفتي اندر قابل عمل پلان پيش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو