شام جي خودمختياري جو احترام ڪرڻي گهرجي: ممتاز بلوچ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ گهرجي ۽ شام جي خودمختياري جو احترام ڪيو وڃي.اسلام آباد ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته شام جي موجوده صورتحال علائقائي امن لاءِ خطرو آهي، شام ۾ امن امان قائم ڪرڻ تمام ضروري آهي.هن چيو ته هو گڏيل قومن جي اسرائيل کان فلسطيني علائقا خالي ڪرائڻ جي مطالبي جي حمايت ڪن ٿا، غزه ۾ فلسطينين جو قتل عام فوري طور بند ڪيو وڃي.ترجمان چيو ته عالمي برادري غزه ۾ انساني الميو جو نوٽيس وٺي.هن چيو ته هو ڪشتوار ۾ ڪشميرين جي ملڪيتن تي ڀارتي قبضي جي مذمت ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو