اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار، انڊيڪس هڪ لک 14 هزار جي حد پار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جي لهر برقرار آهي خميس تي 100 انڊيڪس هڪ لک 14 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري ورتي، معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي معاشي پاليسين جا سٺا اثر پئجي رهيا آهن، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي آهي. مجموعي طور 3370.29 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ٿيو. ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن به ڪاروبار جي شروعات ۾ ئي زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 2 هزار 5 سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو.2 هزار 5 سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 14 هزار 408 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. ڪجهه معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته انڊيڪس ۾ واڌ مثبت عمل آهي پر ان جي آڌار تي مجموعي طور معيشت ۾ بهتري جو تاثر مناسب نه آهي. ڇو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ حڪومت جي معاشي پاليسين جا سٺا اثر پئجي رهيا آهن، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي آهي. خميس تي 5 27 هزار 939 شيئر جا سودا ٿيا جني جي ماليت 67 ارب 27 ڪروڙ 84 لک 2 هزار455 روپيا آهي. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو تعداد 463 آهي، جن مان خميس تي 298 ڪمپنين جي شيئرز م واڌ ٿي، 132 ڪمپنين جا شيئر گهٽ ٿيا ۽ 33 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو