عارف علوي کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر عارف علوي کي 19 ڊسمبر تائين ڪهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عارف علوي جي خلاف داخل ڪيسن جو تفصيل ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌني ٿي، عدالت ايف آئي اي کي به عارف علوي جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، عارف علوي جي وڪيل چيو آهي ته اسان کي خدشو آهي ته اسان کي گرفتار ڪري ڪنهن ٻي صوبي ۾ منتقل ڪيو ويندو، عدالت چيو ته عارف علوي اڳوڻو صدر آهي، ايئن ڇو گرفتار ڪندا، عارف علوي تي جيڪڏهن بدتيني تي ٻڌل ڪيس داخل ڪيا ويا ته عدالت انهن ڪيسن کي ختم ڪري ڇڏيندي، هن کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 ڊسمبر تائين اڳوڻي صدر عارف علوي کي ڪنهن داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو