سينچورين (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 207 رنسن جو هدف ڏنو، صائم ايوب جي شاندار ڪارڪردگي جي بدولت ميزبان ٽيم آخري اوور جي ٽئين بال تي حاصل ڪري ورتو.ڏکڻ آفريڪا طرفان رضا هينڊرڪس 63 بالن تي 117 رنسن جي اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 10 ڇڪا ۽ 7 چوڪا شامل هئا.ميٿيو برٽزڪي 12 ۽ ريان ريڪلٽن 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، وان ڊيرڊسن 38 بالن تي 66 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.پاڪستان جي جهانداد خان 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، عباس آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي.ڏکڻ آفريڪا کي ٽي 20 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلي واري برتري حاصل آهي.سينچورين ۾ ان کان اڳ اوپننگ بيٽسمين صائم ايوب 98 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ۽ حریف ٽيم کي وڏو هدف ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. سعيم ايوب 57 بالن کي منهن ڏيندي 5 ڇڪا ۽ 11 چوڪا هنيا، بابر اعظم 31 ۽ عرفان نيازي 30 رنسون اسڪور ڪيون.اهڙي طرح پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 206 رنسون ٺاهي ڏکڻ آفريڪا کي 207 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان رضوان 11، عثمان خان 3 ۽ طيب طاهر 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا جڏهن ته عباس آفريدي 11 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.گرين شرٽس ميچ ۾ 1 تبديلي ڪئي، فاسٽ بالر جهانداد خان جي جاءِ تي اسپنر سفيان مقيم کي شامل ڪيو ويو.ٽيم ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، بابر اعظم، سعيم ايوب، عثمان خان، طيب طاهر، عرفان خان، عباس آفريدي، شاهين شاهه آفريدي، جهانداد خان، حارث رئوف ۽ ابرار احمد شامل آهن.واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 11 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
16 ڊسمبر آرمي پبلڪ اسڪول پشاور حملو
سنڌيار سکر 16 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 16 ڊسمبر 2024ع
سول نافرماني واري حڪم تي عمل ڪبو پر اڃا صورتحال واضح ناهي، گنڊاپور
ممڪن آهي ته عمران خان جو ملٽري ٽرائل ڪيو وڃي: راڻا
وفاقي سرڪار پاران وڏي وزير علي امين گنڊا پور جا الزام رد
ڪراچي پرامن شهر آهي، ترقياتي ڪم جاري آهن:مرتضيٰ وهاب
انوکي واردات، ڪباب وڪرو ڪندڙ کان 10 ڪلو قيمو ڦر
آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي عارضي طور تي روڪڻ جي درخواست رد
محمد عرفان پاران عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان
يونان ۾ مهاجرن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت، 40 لاپتا
انساني اسمگلنگ هڪ سنگين عمل آهي: صدر آصف زرداري
ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار، رپورٽ طلب
بلاول پاران ڪراچي ۽ ملير بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد
ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ صديق الفاروق لاڏاڻو ڪري ويو
پاڻي جي شديد کوٽ، ڪراچي واسي پريشان
مدرسن جي بل واري معاملي تي جي يو آءِ پي ٽي آءِ کان مدد گهري ورتي
ضلعي ۾ ٻه ٽول ٽيڪس قائم ڪرڻ سبب عوام پريشان آهي: جميل الزمان
واپار کي آسان بڻائڻ لاءِ فيس ليس ڪسٽم اسيسمينٽ سسٽم لاڳو
اسڪردو ۾ لينڊ سلائيڊنگ، گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت