عماد بعد عامر جو عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني آل رائونڊر عماد وسيم کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عامر به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ٻنهي رانديگرن آخري ڀيرو پاڪستان لاءِ هن سال آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ کيڏيو هو.جون 2009 ۾ انٽرنيشنل ڊيبيو ڪرڻ کان پوءِ، 32 سالن جي محمد عامر پاڪستان لاءِ 36 ٽيسٽ، 61 ون ڊي ۽ 62 ٽي ٽوئنٽي کيڏيا.عامر ٽنهي فارميٽ ۾ 271 انٽرنيشنل وڪيٽون ورتيون ۽ 1179 رنسون ٺاهيون.فاسٽ بالر محمد عامر 2009 جي آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ اسڪواڊ جو حصو هو.محمد عامر جو چوڻ آهي ته پاڪستان لاءِ ٽنهي فارميٽ ۾ کيڏڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، مان سمجهان ٿو ته اهو سخت فيصلو آهي پر مان سمجهان ٿو ته ايندڙ نسلن لاءِ ذميواريون کڻڻ ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جو وقت آهي. هن چيو ته مان پي سي بي جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته انهن سالن ۾ هميشه گهربل سهڪار فراهم ڪيو ۽ مان ٽيم جي ڪارڪردگي کي ڏسڻ جو منتظر آهيان. هن جو اهو به چوڻ آهي ته مان پاڪستاني مداحن جو به شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جن هميشه منهنجي ڪيريئر ۾ منهنجو ساٿ ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو