مدرسن جي بل واري معاملي تي جي يو آءِ پي ٽي آءِ کان مدد گهري ورتي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام مدرسن جي رجسٽريشن ترميمي بل جي حوالي سان خيبرپختونخواهه ۾ قانونسازي جي لاءِ پي ٽي آءِ کان مدد گهري ورتي آهي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر ۽ جي يو آءِ(ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضي وچ ۾ ملاقات دوران سياسي صورتحال ۽ مدرسن جي رجسٽريشن ترميمي بل بابت پيدا ٿيل صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي.ملاقات ۾ سياسي معاملن تي ٻطرفي سياسي تعاون جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. اسد قيصر چيو ته اسان مدرسن جي مسئلي تي جي يو آءِ جي ڪهڙي مدد ڪري سگهون ٿا؟.ڪامران مرتضيٰ چيو ته پي ٽي آءِ ديني مدرسن بابت خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ به قانونسازي ڪري، مرڪز کان منظور ٿيل بل جو دائرو صرف اسلام آباد تائين محدود هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو