آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي عارضي طور تي روڪڻ جي درخواست رد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي عدالت ٽڪ ٽاڪ تي پابندي عارضي طور تي روڪڻ جي هنگامي درخواست رد ڪري ڇڏي.خابرو اداري موجب ٽڪ ٽاڪ طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ان قانون کي عارضي طور تي روڪيو وڃي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيني ڪمپني بائيٽ ڊانس 19 جنوري تائين پاڻ کي ٽڪ ٽاڪ کان الڳ ڪري، ٻي صورت ۾ ايپ تي پابندي لڳائي ويندي.ميڊيا رپورٽن موجب ٽڪ ٽاڪ ۽ بائيٽ ڊانس سومر تي آمريڪي ڪورٽ آف اپيلز فار ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۾ ايمرجنسي درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.جڏهن ته جمعي تي عدالت پاران ڏنل فيصلي کانپوءِ مختصر وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ وٽ هاڻي آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ فوري طور تي درخواست داخل ڪرڻ جو اختيار آهي.هڪ هفتو اڳ آمريڪي ٽرائل ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي برقرار رکندي ٽڪ ٽاڪ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.ٽاڪ ٽاڪ قانون خلاف آمريڪي حڪومت جي ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، جتي هفتن جي ٻڌڻي کانپوءِ عدالت گذريل هفتي حڪومتي فيصلي کي برقرار رکيو.آمريڪي حڪومتي قانون موجب ٽڪ ٽاڪ کي 19 جنوري 2025 تائين آمريڪا ۾ پنهنجي درخواست جا حق ڪنهن آمريڪي ڪمپني يا فرد کي وڪڻڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ ان ڪمپني تي آمريڪا ۾ پابندي لڳائي ويندي.مٿي ڏنل قانون اپريل ۾ صدر جو بائيڊن طرفان دستخط ڪيو ويو،ان کان اڳ آمريڪي سينيٽ ۽ ڪانگريس طرفان بل منظور ڪيا ويا هئا،آمريڪي حڪومت ٽڪ ٽاڪ کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ٿي ۽ حڪومت جو موقف آهي ته چيني حڪومت مبينا طور تي ٽڪ ٽاڪ ذريعي آمريڪي شهرين جي ڊيٽا تائين رسائي حاصل ڪري رهي آهي، پر ٽڪ ٽاڪ اهڙن الزامن کي رد ڪري ٿو،ماضي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ماضي ۾ ٽڪ ٽاڪ کي آمريڪي عدالتن مان رليف مليو پر هن ڀيري ٽرائل ۽ اپيليٽ ڪورٽن ٽڪ ٽاڪ کي رليف نه ڏنو، هاڻي ٽڪ ٽاڪ تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو