ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي پرامن شهر آهي، ترقياتي ڪم جاري آهن، ثقافتي ۽ ادبي تقريبون ڪوٺائي ڪراچي شهر جي تاريخي سڃاڻپ بحال ڪئي پئي وڃي، پنهنجي ثقافتي ورثي جي هر قيمت تي حفاظت ڪرڻي پوندي. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب خالقدينا هال جي مرمت ۽ سجاوٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ ٻيا به مرتضيٰ وهاب سان گڏ هئا. خالق دينا هال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سندن تاريخي ورثو فن ۽ ادب آهي، ماڻهن کي ڪراچي جي تاريخ جي ڄاڻ نه آهي، هو چاهي ٿو ته ٻارن کي ڪراچي جي تاريخ جي خبر پئي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي ساک ۽ روشنيون بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پرامن شهر آهي ۽ ترقياتي ڪم جاري آهن. ڪراچيءَ جي ميئر چيو ته ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ڪن پيا، تاريخي هنڌن جي مرمت ۽ سجاوٽ ڪي ايم سي ڪندي، سال اڳ تاريخي خالد دينا حال جي عمارت جي ڪهڙي حالت هئي سڀني ڏٺي هئي. مرتضيٰ وهاب چيو ته 1906ع ۾ خالق دينا هال ٺهيو هو، جنهن کي هنن ٻيهر خوبصورت بڻايو، جيڪو جذبو خالق دينا جو هو، اهو ئي ڪراچي وارن جو آهي، ڪراچي جي مختلف ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، کين پنهنجي ورثي جو تحفظ ڪرڻو آهي.
16 ڊسمبر آرمي پبلڪ اسڪول پشاور حملو
سنڌيار سکر 16 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 16 ڊسمبر 2024ع
سول نافرماني واري حڪم تي عمل ڪبو پر اڃا صورتحال واضح ناهي، گنڊاپور
ممڪن آهي ته عمران خان جو ملٽري ٽرائل ڪيو وڃي: راڻا
وفاقي سرڪار پاران وڏي وزير علي امين گنڊا پور جا الزام رد
ڪراچي پرامن شهر آهي، ترقياتي ڪم جاري آهن:مرتضيٰ وهاب
انوکي واردات، ڪباب وڪرو ڪندڙ کان 10 ڪلو قيمو ڦر
آمريڪا ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي عارضي طور تي روڪڻ جي درخواست رد
محمد عرفان پاران عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان
يونان ۾ مهاجرن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت، 40 لاپتا
انساني اسمگلنگ هڪ سنگين عمل آهي: صدر آصف زرداري
ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار، رپورٽ طلب
بلاول پاران ڪراچي ۽ ملير بار جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد
ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ صديق الفاروق لاڏاڻو ڪري ويو
پاڻي جي شديد کوٽ، ڪراچي واسي پريشان
مدرسن جي بل واري معاملي تي جي يو آءِ پي ٽي آءِ کان مدد گهري ورتي
ضلعي ۾ ٻه ٽول ٽيڪس قائم ڪرڻ سبب عوام پريشان آهي: جميل الزمان
واپار کي آسان بڻائڻ لاءِ فيس ليس ڪسٽم اسيسمينٽ سسٽم لاڳو
اسڪردو ۾ لينڊ سلائيڊنگ، گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت