پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي

لاهور )ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته هاڻي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي، ماحولياتي ايمرجنسي لاءِ مضبوط حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، عدليه هدايتون جاري ڪيون پر گرائونڊ تي ڪو به ڪم نه ڪيو ويو آهي، ڇهويهين آئيني ترميم ۾ به ڪلائمينٽ فنانس جهڙو وڏو مسئلو آهي، ڪلائمينٽ فنانس کي بنيادي حق سمجهڻو پوندو. لاهور ۾ خانگي يونيورسٽي جي نگراني هيٺ ٽئين پاٿ ويز ٽو ڊيولپمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪلائميٽ فنانس ئي ڪلائميٽ جسٽس آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان موسمياتي ايمرجنسي کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان دنيا جو اٺون وڏو ملڪ آهي جيڪو موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندو آهي.سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالتن هميشه موسمياتي ايمرجنسي جي ڪيسن کي سنجيده ورتو آهي، فوڊ سڪيورٽي، ڊيزاسٽر مينجمينٽ ۽ واٽر سڪيورٽي سميت ٻين معاملن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اربن پلاننگ ۽ ايگريڪلچرل پلاننگ تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي، ڪلائميٽ جسٽس بابت تحريڪ هلائڻي پوندي، ڪيسن ۾ عدالتن هدايون جاري ڪيون پر گرائونڊ تي ڪجهه ناهي ٿيو، اهو ناهي ڏٺو ويو ته ريسورس آهن يا ناهن، حڪومت به ان کي فوڪس ناهي ڪيو. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هاڻي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي، ڇهويهين آئيني ترميم ۾ به ڪلائمينٽ فنانس جهڙو وڏو مسئلو آهي، ڪلائمينٽ فنانس کي بنيادي حق سمجهڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو