هنڊريڊ انڊيڪس1 لک 16 هزار جي حد ٽپي ويو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ ٽوڙڻ بعد 1 لک 16 هزار پوائنٽس جي حد به عبور ڪري ورتي.ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست عروج ڏٺو ويو.واپار دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 1700 پوائنٽس کان وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هينڊريڊ انڊيڪس 116 هزار 15 پوائنٽس جي حد کي ڇهيو.ياد رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هينڊريڊ انڊيڪس 1 لک 14 هزار 301 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن آمريڪي ڪرنسي جي قدر ۾ 12 پئسا وڌيڪ گهٽتائي ٿي، انٽر بئنڪ تي ڊالر 278.12 رپين مان 278 رپيا تي واپار ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو