ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو خلاف مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته عوام کي گذارش آهي ته پوليو خلاف جنگ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين.هن چيو ته هر ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياري، شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي نياڻي آصفه ڀٽو کي پوليو جا ڦڙا پياري ان مهم جو افتتاح ڪيو.سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پوليو خلاف مهم 22 ڊسمبر تائين جاري رهندي، هلندڙ سال پوليو جا 63 ڪيسن مان سنڌ مان 17 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.هن چيو ته ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي صورتحال جي سنگيني کي ظاهر ڪري ٿي.مراد علي شاهه چيو ته هي هلندڙ سال جي آخري پوليو مهم آهي، مهم دوران 1 ڪروڙ 6 لک ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا، ڪو به ٻار ويڪسين کان رهجي نه وڃي.هن چيو ته 80 هزار فرنٽ لائن ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا، پوليو ٽيمن جي حفاظت لاءِ 15 هزار سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.سنڌ جي وڏي وزير پوليو کان متاثر ٻارڙن سان پڻ ملاقات ڪئي.اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو اي پي ايس جي شهيد ٻارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو.مراد علي شاهه چيو ته اين ايف سي ايوارڊ هر 5 سالن بعد ٿيڻو آهي، جڏهن به اين ايف سي ايوارڊ ٿيندو آهي ته صوبن جو حصو وڌيڪ هوندو آهي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي.ان ڪچي جي علائقن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ٻچن وارن علائقن ۾ صورتحال بهتر ٿي آهي، حڪومت امن امان تي ڀرپور نظر رکي رهي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي
جي ايڇ ڪيو ڪيس، شيرين سميت 9 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو
دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي امن ۽ ترقي جو ضامن آهي : شاهه
پوليو خلاف مهم جو افتتاح،اين ايف سي وڌندو آهي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي
پارليمان جا اجلاس اڄ ٿيندا،اهم بل پيش ڪرڻ جا امڪان،ايجنڊا جاري
حڪومت معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي: شزيٰ فاطمه
ڪرڪ ۾ پوليو ٽيم تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي
پرڏيهي آفيس ترجمان ممتاز زهرا فرانس ۾ سفير مقرر
ايراني ڳائڻي حجاب کانسواءِ پرفارم ڪرڻ تي گرفتار
هنڊريڊ انڊيڪس1 لک 16 هزار جي حد ٽپي ويو
اين اي 241 ڌانڌلي ڪيس، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل
اهم فيصلن کان باخبررکڻ تي استيعفيٰ ڏني،گلپسي
پي ٽي آءِ ۾ ڪوبه خوف ۽ اختلاف ناهي،شوڪت يوسفزئي
اي پي ايس شهيدن قوم کي دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ڪيو