اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ثابت قدم ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائيندي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عمل کي يقيني بڻائن.اي پي ايس سانحي جي ڏهين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ثابت قدم ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائيندي. سندس چوڻ هو ته اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، آرمي پبلڪ اسڪول سانحي قوم جو ضمير جاڳائي ڇڏيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اي پي ايس سانحي کين دهشتگردي جي ناسور خلاف متحد ڪيو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نيشنل ايڪشن پلان تي عمل کي يقيني بڻائن.

پهنجو تبصرو موڪليو