دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي امن ۽ ترقي جو ضامن آهي : شاهه

سکر (ن س )پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته 16 ڊسمبر 2014 جو افسوسناڪ واقعو کين دهشتگردن جي وحشت ۽ بربريت جي ياد ڏياريندو رهندو، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ئي امن ۽ ترقي جو ضامن آهي. اي پي ايس سانحي کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته معصوم ٻارڙن جي قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو، سڄي قوم اڄ به معصوم ٻارڙن جي والدين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جو مذهب، انسانيت ۽ سماج سان ڪو به واسطو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو