حڪومت عالمن کي مولانا فضل الرحمان خلاف ويهاريو: حمدالله

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ ف اڳواڻ حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته حڪومت مولانا فضل الرحمان خلاف عالمن کي ويهاريو، ڳالهائيندي هن چيو ته عالمن ۾ ڪوبه اختلاف ناهي، اسان جي خلاف ڪير به نه بيٺو آهي پر کين بيهاريو ويو،حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن تي هڪ مهيني کان حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، 26هين آئيني ترميم ۽ ديني مدرسن جي رجسٽريشن تي اتفاق ٿي ويو آهي، بل پارليامينٽ ۾ ويو آهي. هن چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن بل پ پ جي حڪومت ۾ آندو ويو.جي يو آءِ ف اڳواڻ جو چوڻ آهي ته بل پارليامينٽ مان پاس ڪيو ويو، ڪنهن به شور نه مچايو، اسان جي ناراضگي عالمن سان نه پر حڪومت سان آهي پر حڪومت جي حمايت ڪندڙ پارٽين سان آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته بل ٻنهي ايوانن مان پاس ٿيو هو ته پوءِ ان کي ڇو روڪيو ويو. ديني مدرسن جي رجسٽريشن بل لاءِ پارليامينٽ ۾ وڙهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو