ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ ڳائڻي ۽ ريپر بادشاه پنهنجي خلاف ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي جي الزام کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو.واضح رهي ته بادشاه تي غلط رخ ۾ گاڏي هلائڻ تي 15 هزار رپين کان وڌيڪ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو هو.ٽريفڪ پوليس موجب اهو ڏنڊ آچر جي شام گروگرام جي سيڪٽر 68 ۾ آريا مال ۾ ڳائڻي ڪرن اوجلا جي ڪنسرٽ دوران غلط لين ۾ ڊرائيونگ ڪرڻ تي لڳايو ويو.پوليس موجب بادشاه ٽن گاڏين جي قافلي ۾ ڪنسرٽ واري هنڌ پهتو. انهن گاڏين مان هڪ تي ٽريفڪ چالان جاري ڪيو ويو، جن مان هڪ گاڏي خود بادشاهه هلائي رهيو هو.انهن الزامن تي بادشاه جي ٽيم پاران هڪ بيان جاري ڪيو ويو، جڏهن ته وضاحت ۽ ان جي ترديد ڪئي وئي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪنسرٽ جي رات تي، بادشاه هڪ گاڏي جي مسافر سيٽ تي هو، جيڪا بخشي ٽرانسپورٽ سروس پاران مهيا ڪيل هئي، هڪ لائسنس يافته ڊرائيور طرفان هلائي وئي.بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته بادشاهه واقعي واري رات ڪنهن به گاڏي نه هلائي.هن اهو پڻ چيو ته اسان بادشاه ۽ سندس ٽيم تي لڳايل الزامن جي سختي سان ترديد ڪريون ٿا. بادشاه يا سندس ٽيم جي ڪنهن به گاڏي تي ڪو به ڏنڊ جاري نه ڪيو ويو.
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ، 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان
حڪومتي اتحادين جا هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير
عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپرن تي پابندي
ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم
گم ٿيل شهري ڪيس، ڇا پوليس اسٽيشن بند ڪريون،عدالت
ڏهاڪن تائين پاڪستان پناهگيرن جو ميزبان رهيو آهي: وزيراعظم
گوگل سرچ انجڻ ۾ هڪ مفيد فيچر متعارف ٿيڻ جو امڪان
ايم ڪيو ايم کي وفاق سان شڪايت آھي، ڌمڪي سنجيده ناهي
تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي، شاهه
سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ
سڄي خاندان جو شادي ۽ ڄم ڏينهن جي ساڳي تاريخ جو عالمي رڪارڊ
مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پيش امام قتل
سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند
ايف آءِ اي ڪارروائي، ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار
فيض گنج ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ
حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ
ڀٽو ريفرنس، ٽرائل ڪورٽ ۽ اپليٽ عدالت تقاضا پورا نه ڪيا، آفريدي
سرڪاري اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد