اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪندي چيو ته اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ضروري آهن، ان لاءِ منهنجو دفتر هر وقت حاضر آهي. اياز صادق هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته هو مصروفيت سبب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري رهيو آهي،ڪالهه به ايوان ۾ ٿوري دير لاءِ ويس.هن چيو ته مان اڄ به مصروف آهيان ڇو ته سعودي شوريٰ جو اسپيڪر ۽ ساڻس گڏ هڪ وفد پاڪستان جي دوري تي آهي.ڪير چاهي ٿو ته اسان جا پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ جا لاڳاپا بهتر ٿين.هن چيو ته ڪالهه جيڪو ماحول پيدا ٿيو، پي ٽي آءِ جي شير افضل مروت ۽ مسلم ليگ (ن) جي راڻا ثناءُ الله ۽ خواجا آصف جنهن طرح ڳالهايو، اهو مون ڏٺو.اياز صادق چيو ته اسپيڪر جي آفيس ۽ هائوس جو تعلق حڪومت ۽ مخالف ڌر جو هوندو آهي، اسپيڪر جا دروازا ميمبرن لاءِ هميشه کليل آهن.ايوان جي ڪارروائي هلي يا نه،هن چيو ته اسپيڪر هائوس ۽ آفيس 24 ڪلاڪ کليل آهن، حڪومت ۽ اپوزيشن چاهي ته اچي سگهن ٿيون، اهي تلخيون ختم ڪرڻ چاهين ٿيون، قومي مفاد يا امن امان جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون وڃن.هن چيو ته ان کان علاوه موسمياتي تبديلي، صوبن جي خودمختياري سميت ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن، جن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته پوءِ مان ان لاءِ تيار آهيان، اچو ته ويهي ۽ ڳالهايو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته جيستائين مان ان عهدي تي آهيان ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ڪندس، سمورا ميمبر چاهي انهن جو تعلق حڪومت سان هجي يا مخالف ڌر سان، منهنجي لاءِ برابر ۽ قابل احترام آهن.هن وڌيڪ چيو ته هو سياسي معاملن سميت ڪنهن به مسئلي تي ڳالهين لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ، 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان
حڪومتي اتحادين جا هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير
عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپرن تي پابندي
ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم
گم ٿيل شهري ڪيس، ڇا پوليس اسٽيشن بند ڪريون،عدالت
ڏهاڪن تائين پاڪستان پناهگيرن جو ميزبان رهيو آهي: وزيراعظم
گوگل سرچ انجڻ ۾ هڪ مفيد فيچر متعارف ٿيڻ جو امڪان
ايم ڪيو ايم کي وفاق سان شڪايت آھي، ڌمڪي سنجيده ناهي
تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي، شاهه
سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ
سڄي خاندان جو شادي ۽ ڄم ڏينهن جي ساڳي تاريخ جو عالمي رڪارڊ
مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پيش امام قتل
سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند
ايف آءِ اي ڪارروائي، ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار
فيض گنج ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ
حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ
ڀٽو ريفرنس، ٽرائل ڪورٽ ۽ اپليٽ عدالت تقاضا پورا نه ڪيا، آفريدي
سرڪاري اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد