سڄي خاندان جو شادي ۽ ڄم ڏينهن جي ساڳي تاريخ جو عالمي رڪارڊ

لاڙڪاڻو: (ن س) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هڪ ئي خاندان 3 عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن.دنيا جي هر خاندان جي اها خواهش هوندي آهي ته انهي جي خاندان جو نالو عالمي سطح تي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جو حصو بڻجي پر لارڪاڻي جي هڪ خائدان هڪ نه 3 عالمي رڪارڊ قائم ڪري انوکي مثال قائم ڪري ڇڏي آهي.لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ريٽائرڊ ٽيچر امير آزاد منگي جي پيدائش، شادي، گهر واري جي پيدائش ۽ 7 ٻارن جي پيدائش پهرين آگسٽ تي ٿي، هاڻ سالگره به سمورا گهر وارا هڪ ئي ڪيڪ تي ملهائيندا آهن.امير آزاد منگي حڪومت کي ڏوراپو ڏيندي چيو آهي ته 3 عالمي ايوارڊ حاصل ڪرڻ جي باوجود حڪومتي سطح تي منهنجي ڪنهن به قسم جي حوصله افزائي نه ڪئي وئي آهي.انهي حوالي سان لاڙڪاڻي جي مشهور اسڪائوٽ ليڊر نثار مغيري جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو اعزازن جو شهر رهيو آهي. پوءِ چاهي اهو سياسي هجي يا سماجي هجي ماضي ۾ به لاڙڪاڻي عالمي اعزاز حاصل ڪيا آهن جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي اسلامي بلاڪ لاءِ ايٽمي ٽيڪنالاجي، عالم اسلام جي پهرين عورت وزيراعظم سميت ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو