ڄامشورو:(ن س) ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اڄ 62 هين والدين ڏهاڙي جي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي _ ان موقعي تي ايم اين اي ، ايم پي اي ۽ ٻيون معزز شخصيتون پڻ ساڻس گڏ هيون _ سنڌ جي وڏي وزير جو هيلي پيڊ تي ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر ، ايم پي اي ملڪ سڪندر ، ڪيڊٽ ڪايج جي پرنسپال ڪموڊور فيصل اقبال قاضي ۽ ٻين شاندار آجيان ڪئي جڏهن ته پرنسپال ڪموڊور فيصل اقبال قاضي آجياڻي وارو خطاب پيش ڪندي آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسپال سا گڏ پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ کيس استادن جو تعارف ڪرايو ويو. تقريب ۾ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر، ايم پي اي ملڪ سڪندر، ايم پي اي ڊاڪٽرسڪندر شورو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، وزير اعلي‘ سنڌ جي پي ايس سليم باجاري، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس ڄامشورو پڻ موجود هئا.ان موقعي تي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 62 هين والدين ڏهاڙي جي موقعي تي خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ مون لاءِ وڏو اعزاز آهي. ذهين ڪيڊٽس، والدين ۽ معزز مهمانن جي ڀريل تقريب ڏسي متاثر ٿيو آهيان، هن شاگردن کي صلاح ڏني ته اهي پيٽارو ۾ پنهنجي سفر جو آغاز هتان پنهنجي وقت جي بهترين استعمال سان ڪن، پاڻ کي علم، قائدانه صلاحيتن ۽ ذميواري کي مضبوط احساس سان آراستا ڪن، ان سفر کان اڳيان جي زندگي چيلنجن سان ڀريل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪاميابي توهان کي اپنائڻ ثابت قدم رهڻ ۽ قيادت ڪرڻ جي صلاحيت تي منحصر آهي ڪامياب ٿيڻ لاءِ نه فقط پنهنجن والدين بلڪه پنهنجي ملڪ لاءِ پڻ مخلص ٿيو ڇاڪاڻ ته توهان پاڪستان جو مستقبل آيو۽ اسانکي توهان مان بي پناهه اميدون لاڳاپيل آهن.وڏي وزيرمراد علي شاهه پرنسپال ۽ اسٽاف کي سندن فرضن جي ادائيگي تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن اداري کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۾ سنڌ حڪومت جي سهڪار جو يقين ڏياريو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو لاءِ 1.5 ميگا واٽ جي سولر سسٽم جي فراهمي ۽ سمورن ملازمن کي دلچسپي ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ تي ٻن مهينن جي مجموعي پگهار ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي بهترين عڪاسي ڪندو آهي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو سنڌ ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏي تعليمي ادارن مان هڪ آهي. هن چيو ته پيٽارو جي ڪيڊٽس پاڪ فوج ، سول سروسز سميت مخلتف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پيٽريئنز پاڪ فوج ، بحريا ۽ هوائي فوج ۾ خود کي شامل ڪيو آهي مونکي يقين آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو بطور بهترين مرڪز پنهنجو نالو روشن ڪندو رهندو .هن چيو ته قوم جي خدمت لاءِ مستقبل جو ليڊر تيار ڪرڻ ۾ پيٽارو سرفهرست آهي _ هن سالياني ڪاليج جي رپورٽ پيش ڪرڻ تي پرنسپال کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي شاگردن جا حيدرآباد فيڊرل بورڊ ۽ ڪيميرج سسٽم جي ذريعي حاصل نتيجا واقعي قابل تعريف آهن. هن چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو انهن ڪجهه ادرن ۾ شامل آهي جيڪي پاڻ کي شاگرد جي مڪمل تياري لاءِ وقف ڪندا آهن. هن والدين کي پنهنجن ٻارن کي ان عظيم اداري جي حوالي ڪرڻ جي فيصلي کي ساراهيو. هن ڪيڊٽ ڪاليج ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏني.
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ، 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان
حڪومتي اتحادين جا هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير
عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپرن تي پابندي
ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم
گم ٿيل شهري ڪيس، ڇا پوليس اسٽيشن بند ڪريون،عدالت
ڏهاڪن تائين پاڪستان پناهگيرن جو ميزبان رهيو آهي: وزيراعظم
گوگل سرچ انجڻ ۾ هڪ مفيد فيچر متعارف ٿيڻ جو امڪان
ايم ڪيو ايم کي وفاق سان شڪايت آھي، ڌمڪي سنجيده ناهي
تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي، شاهه
سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ
سڄي خاندان جو شادي ۽ ڄم ڏينهن جي ساڳي تاريخ جو عالمي رڪارڊ
مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پيش امام قتل
سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند
ايف آءِ اي ڪارروائي، ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار
فيض گنج ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ
حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ
ڀٽو ريفرنس، ٽرائل ڪورٽ ۽ اپليٽ عدالت تقاضا پورا نه ڪيا، آفريدي
سرڪاري اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد