ايف آءِ اي ڪارروائي، ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايف آءِ اي اسٽيٽ بئنڪ سرڪل ڪراچي ڪارروائي ڪري غير قانوني ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي جي ٽيم خانگي هائوسنگ سوسائٽي ويجهو ڪارروائي ڪري جوابدار حمزه شاهد کي گرفتار ڪيو. جوابدار وٽان 95 هزار آمريڪي ڊالر هٿ ڪيا ويا، جنهن جي ماليت 2 ڪروڙ 60 لک رپين کان به وڌيڪ آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار بنا لائسنس جي ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث آهي، جوابدار هٿ آيل ڪرنسي بابت اختيارين کي مطمئن نه ڪري سگهيو. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو