ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هائيڪورٽ 2018ع کان گم ٿيل شهري جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسٽس ارشاد حسين خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي به جاچ آفيسر پيش نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي، جاچ آفيسر ڪو ڪم نٿو ڪري ۽ نه ئي عدالت ۾ پيش ٿو ٿئي. ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري جي ماءُ عدالت ۾ روئيندي ٻڌايو ته سندس پٽ واجد حسين 2018 کان گلستان جوهر مان گم آهي، جنهن جي ڪا به خبر ناهي پئجي سگهي.ٻڌڻي دوران جسٽس عمر سيال ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اغوا يا گمشدگي جو هر ڪيس سندن حوالي ڪيو ويندو آهي، ڇا اسان پوليس اسٽيشن بند ڪري ڇڏيون.عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي ڪيس ۾ تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ، 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان
حڪومتي اتحادين جا هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير
عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپرن تي پابندي
ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم
گم ٿيل شهري ڪيس، ڇا پوليس اسٽيشن بند ڪريون،عدالت
ڏهاڪن تائين پاڪستان پناهگيرن جو ميزبان رهيو آهي: وزيراعظم
گوگل سرچ انجڻ ۾ هڪ مفيد فيچر متعارف ٿيڻ جو امڪان
ايم ڪيو ايم کي وفاق سان شڪايت آھي، ڌمڪي سنجيده ناهي
تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي، شاهه
سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ
سڄي خاندان جو شادي ۽ ڄم ڏينهن جي ساڳي تاريخ جو عالمي رڪارڊ
مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پيش امام قتل
سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند
ايف آءِ اي ڪارروائي، ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار
فيض گنج ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ
حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ
ڀٽو ريفرنس، ٽرائل ڪورٽ ۽ اپليٽ عدالت تقاضا پورا نه ڪيا، آفريدي
سرڪاري اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد