راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت، پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري خلاف 190 ملين پائونڊ واري القادر ٽرسٽ ريفرنس جي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڄ ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي وڪيل سلمان صفدر پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا جڏهن ته نيب جي وڪيل امجد پرويز به دليل مڪمل ڪيا. ان موقعي تي عمران خان عداالت ۾ موجود هو ۽ هن مختلف موقعن تي پنهنجي وڪيل جي مدد ڪندي اهم پوائنٽ کيس ٻڌايا. عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ڌرين جا حتمي دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ريفرنس جو ٽرائل هڪ سال ۾ مڪمل ٿيو آهي. نيب گذريل سال ڊسمبر ۾ هي ريفرنس داخل ڪيو هو جنهن ۾ باني ۽ سندس گهرواري بشرا بيبي، فرحت شهزادي، شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري، ملڪ رياض، علي ملڪ رياض سميت 7 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو. نيب جو چوڻ آهي ته مني لانڊرنگ جي هڪ ڪيس م برطانوي حڪومت ملڪ رياض جي لنڊن واري پراپرٽي نيلام ڪري 190 ملين پائونڊ پاڪستان حڪومت کي ڏنا هئا، جيڪي تقريبن 50 ارب روپيا بڻجن ٿا، اها رقم رياست جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ بدران عمران خان ۽ سندس ساٿين بند لفافي ۾ هڪ سمري ڪابينا ۾ ڪنهن به ميمبر کي ڏيکارڻ بنا منظوري وٺي اها رقم ملڪ رياض تي سپريم ڪورٽ پران لاڳو ڪيل ڏنڊ واري رقم جي بدلي جمع ڪرائي هئي. جنهن جي بدلي خان ۽ سندس ساٿين اربين روپيا روڪ ۽ سوين ڪنال زمين بحريا ٽائون کان ورتي. جنهن تي صوفي تعليم لاءِ القادر ٽرسٽ طرفان يونيورسٽي قائم ڪئي وئي هئي.
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ، 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان
حڪومتي اتحادين جا هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير
عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپرن تي پابندي
ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم
گم ٿيل شهري ڪيس، ڇا پوليس اسٽيشن بند ڪريون،عدالت
ڏهاڪن تائين پاڪستان پناهگيرن جو ميزبان رهيو آهي: وزيراعظم
گوگل سرچ انجڻ ۾ هڪ مفيد فيچر متعارف ٿيڻ جو امڪان
ايم ڪيو ايم کي وفاق سان شڪايت آھي، ڌمڪي سنجيده ناهي
تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي، شاهه
سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ
سڄي خاندان جو شادي ۽ ڄم ڏينهن جي ساڳي تاريخ جو عالمي رڪارڊ
مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پيش امام قتل
سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند
ايف آءِ اي ڪارروائي، ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث جوابدار گرفتار
فيض گنج ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ
حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ
ڀٽو ريفرنس، ٽرائل ڪورٽ ۽ اپليٽ عدالت تقاضا پورا نه ڪيا، آفريدي
سرڪاري اسڪولن کي آئوٽ سورس ڪرڻ خلاف داخل درخواست رد