طفيل مگسي
ايران ظاهر ۾َ هڪ آزاد ملڪ ته هو ليڪن هن جي تيل جي دولت ازاد نه هئي بلڪ برطانيه جهڙو اڃارو سامراج هن جو سمورو تيل پي ويندو هو. ء ايراني ويچارا غربت جي چڪي ۾ پيسبا رهندا هئا.انهيء دوران هڪ نهايت پاپولر وزيراعظم آيو جنهن برطانيه سامراج کان پنهنجو ٿيل چني ورتو.مگر ان جي جواب ۾َ برطانيه سامراج پنهنجي وڏي ڀاء امريڪي سامراج سان گڏجي ڪري هڪ عالمي سازش تيار ڪئي هئي .مقبول وزيراعظم ڊاڪٽر مصدق عالمي سازش کي ڪيئن ناڪام بڻايو ۽ پوء سندس انجام ڇا ٿيو.اڄ امريڪا سامراج ان سازش تي پڇتائي ڇو ٿو جا جواب حاصل ڪيا ويندا. ڊاڪٽر مصدق جديد ايراني تاريخ جو شايد سڀ کان وڏو سيڪيولر ۽ نيشنلسٽ ليڊر سڏي سگهجي ٿو.هو ايران جي هڪ اڳوڻي شاهي خاندان ڪاجار فيملي سان تعلق رکندو هو.هن خاندان1789ع کان 1925تائين 130 سال ايران تي حڪومت ڪئي هئي پوء هن خاندان جي جڳه پهلوي خاندان ورتي هئي.هن خاندان جو پهريون بادشاه رضا شاه پهلويء ڊسمبر1925ع ۾ حڪومت سنڀالي.ڪاجار خاندان جو آخري بادشاه احمد شاه ڪاجار هو .جنهن کي حڪومت کان هٽائي ڪري پيرس ۾ جلاوطن ڪيو ويو هو باوجود ان جي انهيء خاندان جي حڪومت جي خاتمي تائين ڊاڪٽر مصدق ڪيترن ئي حڪومتي عهدن تي رهي چڪو هو.هو ايران جي خزاني جو وزير ۽ پرڏيهي وزير به رهيو هو.رضا شاه پهلويء جي اچڻ کانپوء ڊاڪٽر مصدق رٽائر ٿي ويو هو.باوجود ان جي 1946ع ۾ جڏھن رضا شاه پهلويء جي پٽ محمد رضا پهلوي جي حڪومت هئي ته ڊاڪٽر مصدق سياست ۾ وري ايڪٽو ٿي ويو.هن جي سياست ۾ واپسي جو سبب هو ايراني تيل کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ يعني نيشنلائيز ڪرڻ جي تحريڪ هن تحريڪ ڊاڪٽر مصدق کي راتون رات شھريت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو هواها تحريڪ 1946ع ۾َ ايراني شھر ابادان جي آئل ريفائرنگ جي مزدورن شروع ڪئي هئي.ان وقت ايراني تيل برطانيه جي اينگلو ايرانين آئل ڪمپني جي ملڪيت هو.ان ڪمپني ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ شيئر برطانوي حڪومت وٽ ھو ۽ باقي شيرز ان ڪمپني ۽ ان جي حصيدارن وٽ هئا.ايران وٽ نه هئا.ائين ايراني تيل هڪ ريت سان برطانيه جي پراپرٽي بڻجي چڪو هو.برطانوي ڪمپني ايراني تيل جي دولت پنهنجي ملڪ برطانيه منتقل ڪندي رهندي هئي. باوجود ان جي ايراني عوام جيڪي تيل جي انهيء اصلي زميني حقدار هئا انهن ڪجه نه ملي رهيو هو.ايراني عوام جي اڪثريت غربت جي چڪي ۾ بيسجي رهيو هئي.ايستائين ته جيڪي ايراني مزدور برطانوي آئل ڪمپنيز ۾ ڪم ڪندا هئااتي مزدور هئا اهي به ريڙھيون پائي زندگي گذاريندا هئا .ابادان آئل ريفائنري جي 10هزار کان وڌيڪ.مزدور پنهنجن خاندانن سميت جهوپڙين ۾ رهندا هئا.انهن ماڻھن وٽ نه پيئڻ جو صاف پاڻي هو نه بجلي هئي ۽ ئي ڪا ٻي سهوليت ھئي.انهن حالتن کان تنگ ٿي ڪري 1946ع ۾ انهن مزدورن هڙتال ڪري ڇڏي.برطانوي ڪمپنيء انهن مزدورن کي ڏاڍو ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو.ٻن برطانوي سامونڊي جهازن ايراني سمنڊ جي ڀرسان اچي ڪري جنگي مشقون به شروع ڪري ڇڏيو ته جيئن مزدورن کي خوفزده ڪري سگهجي.مگر مزدورن تي ان جو ڪو به اثر نه ٿيو ۽ برطانوي ڪمپنيء کان پنهنجين پگهارن ۾ ڪجه واڌارو ڪرائڻ کانپوء ئي هنن هڙتال ختم ڪئي .ليڪن ايراني عوام ان واقعي کان تمام وڏو سبق سکي ورتو.هنن سکي ورتو هو ته جيسائين انهن جا وسيلا انگريزن جي قبضي کان طاقت جي وسيلي واپس نه ورتا ويندا .ايراني عوام جي حالت بهتر نٿي ٿي سگهي. جيتوڻيڪ ايران ۾َ ٿاها تحريڪ شروع ٿي وئي ته ايراني تيل تي صرف ايرانين جو حق آھي.ان ڪري تيل بي دولت کي برطانيه کان کسي ڪري ايراني قومي ملڪيت ۾ ورتو وڃي يعني نيشنلائيز ڪيو وڃي.اها تحريڪ 1940ع کان 1951ع تائين جاري رهي يعني اٽڪل پنج سال ان تحريڪ جو سڀ کان وڏو ليڊر ڊاڪٽر مصدق هو.هن تيل کي نيشنلائيز ڪرڻ جي تحريڪ کي سڄي ايران ۾ پکيڙي ڇڏيو.۔ شهر شهر.ڳوٺ ڳوٺ ريليون ۽ جلوس نڪرڻ لڳا۔ڊاڪٽر مصدق ۽ ان جي ساٿين انهن جلسن کي خطاب ڪيو ۽ عوام کي ڀغاوت تي راضي ڪيو ۽ اهڙي ريت تيل جي نيشنلائزيشن جي لاء اسيمبلي کان هڪ قرارداد به منظور ڪرائي ورتي۔مصدق ايراني پارليامينٽ ۾ به نيشنلائيزيشن جي لاء ڀرپور طرقي سان آواز اٿاريو.1951ع تائين اها تحريڪ هر ايراني جي دل جي ڌڙڪن بڻجي چڪي هئي.ايراني عوام.ان حد تائين جذباتي ٿي چڪا هئا ته انهن ان تحريڪ جي مخالف ڪرڻ وارن کي قتل ٿي ڪري ڇڏيو.گوريلا حملي ۾َ اسلام نالي هڪ گروپ ايراني وزيراعظم حاجي علي رضا آرا کي به قتل ڪري ڇڏيو هو.ان جو ڏوه اهو هيو ته هو ايراني تيل کي نيشنلائيز ڪرڻ جي خلاف هو.ان جي قتل کان ڪجه ڏينهن پوء ئي 15مارچ تي ايراني پارليامينٽ ايراني تيل کي نيشنلائيز ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايراني عوام جو اهو عرصي وارو خواب هاڻي پورو ٿي چڪو هو.ان جدوجهد جي ڪاميابي جو تاج عوام ڊاڪٽر مصدق جي مٿي تي رکيو.نيشنلائيزيشن جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ جي سبب کان ايندڙ مهيني اپريل ۾ ڊاڪٽر مصدق کي ايراني عوام ملڪ جو نئون وزيراعظم به چونڊي ورتو. ان جي وزيراعظم ٿيندي ئي ايران جون حالتون ٺيڪ ٿيڻ جي ويتر خراب ٿيڻ لڳيون ۽ ان جو ڪارڻ اهو هو ته برطانيه جي هڪ ٻي سازش ايران جي تيل جي نيشنلائيزيشن جو سڀ کان وڏو نقصان برطانيه کي ٿيو هو. ڇوته هو تيل جي تمام وڏي دولت کان محروم ٿي چڪو هو.ايران کان ان دولت جو اندازو ائين لڳايو ته 1991ع ۾ برطانوي اينڊ ڪمپني جو نيٽ ورڪ 58ڪروڙ 50لک ڊالرز هئي. برطانيه ايراني آئل ڪمپني کان ساليانو 10 ملين يعني ڪروڙين پائونڊز جو پئسو ڪمائيندو هو.ان کان علاوه برطانيه کي هر سال ٻه ڪروڙ ٻيانوي لک ٽن تيل جي پروڊڪٽس ۽ 70لک ٽن ڪچو تيل به الڳ ملندو هو. برطانيه ان دولت کان وٿ ڊراء ٿيڻ جي لاء ڪنهن به صورت ۾ تيار نه هو.جيتوڻيڪ ان وقت سپر پاور نه رهيو هو.ان جي جڳه تي امريڪا ۽ سوويت يونين سپر پاور جي درجي تي اچي چڪا هئا.باوجود ان جي برطانيه اڃا به فوجي ۽ معاشي لحاظ کان هڪ تمام وڏي طاقت هو.ان وقت چرچل برطانيه جو وزيراعظم هو .هن ٻي جنگ عظيم ۾ برطانيه کي نازي جرمني جي خلاف فتح ڏياري هئي. 1951ع ۾ ھو ٻيو ڀيرو برطانيه جو وزيراعظم چونڊيو هو.ڇاڪاڻ ته هن ايراني تيل جي دولت کي ڪهڙي ريت به پنهنجي هٿ کان وڃائڻ نٿي چاهي هئي.جڏھن ايران پنهنجي تيل جي دولت نيشنلائيز ڪري ورتي ته چرچل ايران جي خلاف پنهنجي بدلي واريون ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون. چرچل فوري طور تي اهو ڪيو ته ايراني بندرگاهن جي ناڪي بندي ڪرائي.انهن تي پهرو شروع ڪرايائين.ان ناڪي بندي جو مقصد ايران کي پنهنجو تيل عالمي منڊي ۾َ وڪرو ڪرڻ کان زبردستي روڪڻو هو. جون 1951ع ۾ ھڪ اطالوي سامونڊي جهاز هڪ هزار ٽن تيل کڻي ڪري ايران کان روانو ٿيو .برطانوي جنگي جهازن ان جهاز کي گهيري ورتو ۽ ان کي يمن جي بندرگاه عدن وٺي ويا.جيڪو ان وقت برطانوي ڪنٽرول ۾ هو.هتي برطانوي حاڪمن روزميري نالي جهاز تي کنيل تيل ضبط ڪري ڇڏيو.انهيء ڪاروائي جي ڪري ٻيا ملڪ به ڊڄي ويا ۽ ھنن ايران تيل خريدڻ ئي بند ڪري ڇڏيو. هاڻي ظاهر هيو ته جڏھن تيل پهچڻو ئي نه هو ته خريدڻ جو ڇا فائدو ٿيئي ها.ان ڪاروائي کانپوء آڪٽومبر 1951ع ۾ برطانيه پنهنجا سمورا انجنيئرز ۽ ٻيئي عملي کي جيڪو ايران ۾ تيل جي ريفائري ۽ انسٽاليشن تي ڪم ڪندو هو.واپس گهرائي ورتو.هاڻي ايرانين وٽ تيل ڪڍڻ ۽ انهيء کي صاف ڪرڻ جي لاء ايڪسپرٽس به نه رهيا ۽ ٽيڪنالوجي به نه رهي.سو ايراني نه ته تيل ڪڍي ٿي سگهيا هئا ۽ نه ئي مارڪيٽ ۾َ ان جو تيل ڪو خريد ڪرڻ وارو هو.ائين ايراني تيل انڊسٽري هيڻي ٿي وئي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھو بيروزگار ٿي ويا.برطانيه لنڊن ۾ ايران جا اڪائونٽ به فريز ڪري ڇڏيا.ان کانسواء برطانيه کان ايران کي کنڊ ۽ لوه موڪليو ويندو هو .اهو به بند ڪيو ويو.جنهن کان ايران جي اندر به ڪيترين ئي شين جي پروڊڪٽس بند ٿي وئي. برطانيه جي انهن بدلي وارين ڪارواين جي نتيجي ۾ ايران شديد معاشي بحران جو شڪار ٿي ويو.چرچل کي اميد هئي ته معاشي بحران کان تنگ اچي ڪري ايراني عوام اٿي پوندو ۽ ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندو.باوجود ان جي جڏھن شديد معاشي پابندين جي ڊاڪٽر مصدق جي عوامي مقبوليت برقرار رهي ته هن سازش جي وسيلي ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.۽ ان جي لاء امريڪا کان مدد مدد گهري ورتي.ڪلاسيفائڊ امريڪين ڊاڪو مينٽس کان هاڻي اها ڳاله ثابت ٿي چڪي آھي ته برطانوي سفير امريڪين کان ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ مدد جي درخواست ڪري رهيا هئا.ان وقت امريڪا ۾ ٽرومين صدر هو.هن ايران جي خلاف ڪاروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو .ڇاڪاڻ ته هن کي ان ۾ امريڪا جو ڪو مفاد ڏيک نه ڏئي رهدو هو.نه صرف اهو بلڪ ايران کي ڪمزور ڪرڻ جي لاء برطانيه ۽ امريڪا سانراج 10سال عراق جي معرفت جنگ ڪرائي.مگر ايران وري به ثابت قدم رهيو ۽ گڏوگڏ وقت به وقت ايران کي معاشي طور تي پڻ ڪمزور ڪرڻ خاطر ايران جي مٿان ناجائز پابنديون مڙھيون.ليڪن ايران تڏھن به انهن سامراجي ملڪن جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه نوايو ۽ اڄ به سامراجي طاقتن جي لاء ايران خوف جي نشاني بڻيل آھي.؛؛؛
ايران ڪڏھن به سامراج جي اڳيان جهڪڻ وارو ناهي
پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي پابندين جو اعلان
بيلسٽڪ ميزائل پروگرام تي آمريڪي پابنديون جانبدار قرار
سنڌيار سکر 19 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 ڊسمبر 2024ع
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو محفوظ، 23 ڊسمبر تي ٻڌائڻ جو اعلان
حڪومتي اتحادين جا هڪ ٻئي مٿان تنقيد جا تير
عمر قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
حادثن جي روڪٿام لاءِ صبح 6 کان رات 11 وڳي تائين ڊمپرن تي پابندي
ڪمرشل ۽ نجي گاڏين جون نمبر پليٽون تبديل ڪرڻ جا حڪم
انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم
گم ٿيل شهري ڪيس، ڇا پوليس اسٽيشن بند ڪريون،عدالت
ڏهاڪن تائين پاڪستان پناهگيرن جو ميزبان رهيو آهي: وزيراعظم
گوگل سرچ انجڻ ۾ هڪ مفيد فيچر متعارف ٿيڻ جو امڪان
ايم ڪيو ايم کي وفاق سان شڪايت آھي، ڌمڪي سنجيده ناهي
تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي، شاهه
سي اي او ۽ سي او او جو دورو،84 انچ لائن جو معائنو،عملي جي واکاڻ
سڄي خاندان جو شادي ۽ ڄم ڏينهن جي ساڳي تاريخ جو عالمي رڪارڊ
مورو ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، پيش امام قتل
سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند