لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي دهشتگردي جي انت واري عدالت (اي ٽي سي) ۾ پيش ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.جسٽس طارق سليم شيخ جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ اي ٽي سي ۾ عمران خان جي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ بابت درخواست تي تفصيلي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو.عدالت گهرو وزارت جي وڊيو لنڪ تي جسماني رمانڊ تي اي ٽي سي آڏو پيش ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن غير قانوني قرار ڏيندي چيو ته قانون موجب معاملو ڪابينا آڏو پيش ٿيڻ گهرجي ها، دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. انفرادي طور تي نه ٿو ڪري سگهجي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته پنجاب جي گهرو وزارت ڪابينا جي منظوري کانسواءِ وڊيو لنڪ تي پيش ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اينٽي ٽيررازم ايڪٽ تحت ڏوهه انتهائي خطرناڪ آهن، پر آئين جوابدارن جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو.وڊيو لنڪ تي جوابدار کي جسماني رمانڊ تي پيش ڪرڻ سان بنيادي حق متاثر ٿي سگهن ٿا.لاهور هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اي ٽي اي ايڪٽ ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون ويون آهن پر جسماني رمانڊ جي سيڪشن 21 اي ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي. ٽرائل دوران جوابدار کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو پر وڊيو لنڪ ذريعي جوابدار کي جسماني رمانڊ تي پيش نٿو ڪري سگهجي.فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته عدالت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي وڊيو لنڪ تي پيش ڪرڻ بابت صوبائي گهرو وزارت جي 15 جولاءِ 2024 جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.
افغانستان کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ سرحدي علائقي ۾ آپريشن ڪيو
ريڊلائن هن وقت اسان لاءِ شرمندگي جو سبب آهي:مرتضيٰ وهاب
عدالت گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي
فوجي عدالتن جي سزائن خلاف اپيلون داخل ٿينديون
عمران خان ڪيسن کي منهن ڏئي بي ڏوهه ثابت ٿي ٻاهر نڪرندو
قازقستان ۾ ڪِري تباهه ٿيندڙ جهاز جو بليڪ باڪس لڀي ويو
پنجاب پوليس جو اهڪار غير قانوني ڪم ڪندي پڪڙجي پيو!
سنڌ مان تيل جي پيداوار ۾ وڏي واڌ جو اعلان
فوج سميت سمورا ادارا سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ماتحت آهن
بيٽري چارجنگ تڪڙي ختم ٿيڻ کان ڪيئن روڪجي؟
ٻن ضلعن کي پاڻي فراهمي نئين ۽ پراڻي ڪينال جي بحالي جو منصوبو شروع
حڪومت ڊيفالٽ جو شڪار ٿيل معيشت کي سنڀالي ورتو، عمران جو اعتراف
9 مئي ۾ ملوث 60 جوابدارن کي سزائون،حسان نيازي کي 10 سال قيد
دوائن جي کوٽ سبب 100 ٻارن جي فوت ٿيڻ جون خبرون بي بنياد آهن
ڪراچي بار ڪونسل 26هين آئيني ترميم کي چيلينج ڪري ڇڏيو
27 لک ماڻهو ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائي رهيا آهن:ايف بي آر
ريڊ لائن بس پراجيڪٽ انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ طرف هڪ قدم آهي
هاڻي پاسپورٽ آفيس مان جلد پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون جيڪي سڀني لاءِ آسان هونديون
پاڪستان ۽ ترڪي جي دوستي کي سرحدن جي ضرورت ناهي