مارشل لائي دور ۾ ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو: اعظم نذير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جمهوريت جي تسلسل ۾ ئي ملڪي ترقي جي ضمانت آهي، آئين ۾ ترميمون ٿينديون رهنديون آهن. اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن واري ارڙهين اسپيڪر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته 1973ع جو آئين اتفاق راءِ سان منظور ٿيو، آئين ۾ ترميم ٿيندي رهندي، 17هين ترميم اهميت جوڳي هئي پر ارڙهين ترميم ۾ اختيار صوبن کي منتقل ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته ارڙهين ترميم بعد صوبن کي اختيارن جي منتقلي ۾ وفاق وڏي دل جو مظاهرو ڪيو، ارڙهين ترميم وقت اهو احتياط ڪيو ويو، خاص طور تي فوجداري قانون ۾ فيڊريشن کي رکيو ويو ته جيئن سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو قانون هجي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آرٽيڪل 144 ۾ اهو اختيار ڏنو ويو ته صوبو هڪ ٺهراءُ ذريعي وفاق کي اجازت ڏئي سگهي ٿو ته هو ڪنهن عنوان تي قانون سازي ڪري پر اهو صوبي جو اختيار هوندو ته هو بعد ۾ هن قانون ۾ ترميم ڪري يا ختم ڪري. هن چيو ته مارشل لائي دور ۾ ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، آئين سڀ کان مقدس ۽ معتبر آهي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته جمهوري نظام جو مقصد کين جن ماڻهن اسيمبلين ۾ اماڻيو يا جن جي هو نمائندگي ڪندا آهن، انهن کي فائدو ٿئي، پارلياماني نظام ۾ عوام جي حقن جو تحفظ سندن ذميواري آهي، حڪومت کي طئي ڪرڻو آهي ته نظام ڪيئن هلائڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو