خدابخش بروھي
معيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراه مولانا فضل الرحمان ڪيترن ڏينھن کان مدرسا بل ترميم بابت سخت بيان ڏيئي رھيو آھي تازو اسيمبلي ڳالھائيندي چيو اٿس مدارسا ايڪٽ ترميم ۾ ھيرا ڦيري ڪئي وئي تہ فيصلو ميدان ۾ ٿيندو مذڪورہ ايڪٽ ترميم بل کي ڪجھ وقت اڳ وزير اعظم پاران صدر کي موڪليو ويو تہ ھن تي صحيح ڪيو پر ان ايڪٽ ترميم بل تي صدر آصف علي زرداري نہ رڳو صحيح ڪانہ ڪئي پر اعتراض ورايا آھن جڏھن تہ ساڳي ايڪٽ ترميم بابت گذريل ڏينھن پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي فضل رحمان سخت لھجي چيو ھو تہ مدرسا بل هاڻي ايڪٽ بڻجي چڪو آهي، هاڻي ڪا بہ ترميم قبول نہ ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اها نہ مڃي وئي تہ فيصلي لاء ميدان ۾ لهنداسين جيڪڏھن هاڻي ان ايڪٽ کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ ٻيهر منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو تہ اها آئين جي ڀڃڪڙي هوندي ۽ ھڪ غلط روايت جي شروعات بہ سمجھيو ويندو مولانا ان مسئلي تي ھڪ وڏي ڊگھي تقرير ڪري ٿو ظاھر ڪري ٿو کيس سخت تڪليف ٿي آھي، مذڪورہ بل تي 28 آڪٽوبر تي صدر آصف علي زرداري اعتراض ڪيو ھو ۽ اسپيڪر ان کي ڪلريڪل غلطي قرار ڏيندي بل واپس صدر هائوس ڏانهن اماڻي ڇڏيو ھو بل تي عمل نہ ٿيڻ مان اندازو ٿـئي ٿو مولانا جيڪا ميدان تي نڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي ان تي عمل ڪندو ممڪن آھي نواز ليگ، پ پ سان مولانا جي جيڪا ٿوري گھڻي ھم آھنگي آھي ان کي ڇيھو رسندو مولانا ماضي ۾ نہ رڳو نواز شريف ۽ شريف خاندان سان ويجھو رھيو آھي پر آصف زرداري ۽ مولانا جون ھڪ ٻئي سان ھجون ۽ تمام ويجھڙائي رھي آھي خاص ڪري پي ٽي آئي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ لاء پي ڊي ايم جي جي پليٽ فارم تان گڏ رھيا آھي مولانا کي پي ڊي ايم جو ڪنوينر ڪيو ويو ھن پ پ ۽ ن ليگ جي ليڊر شپ جي منشا مطابق عمران جي پويان ھٿ ڌوئي پيو ھو پر مولانا کي اسلام آباد واري ڌرڻي اڪيلو ڪيو ويو ھو اھي سڀ صدما سور سھي مولانا ياري نہ ڇڏي تنھن کان پوء بہ ھن جي نواز ليگ سان گھڻي ھم آھنگي رھي وري پ پ پ جڏھن پي ڊي ايم کان ڌار ٿي کانپوء بہ مولانا نواز ليگ ۽ آصف علي زرداري جو ساٿي رھيو ۽ تقريبن ھر موڙ تي گڏ ھو پر عمران حڪومت ۽ خاص ڪري عمران خان جو ھو سخت مخالف ھو اڳتي ھلي عمران حڪومت ختم ٿي ۽ شھباز شريف قائم مقام وزير اعظم ٿيو اتي مولانا جو حڪومت سان وڏو ساٿ رھيو ساڳي وقت پي ٽي آئي ليڊرشپ جا ڏکيا ڏينھن شروع ٿيا مولانا حڪومت سان گڏ ھو وري جڏھن اليڪشن ٿيا تي نہ رڳو پي ٽي آئي اليڪشن تي پنھنجا خدشا ظاھر ڪيا پر اتي مولانا کي ان نتيجن ارھو ڪري وڌو جيڪا کيس موٽ ملڻ جي اميد ھئي سا نہ ملي سگھي ان تان ھو ن ليگ کان پاسيرو ٿي پي ٽي آئي سان تعلقات وڌائڻ شروع ڪيا ايتري قدر جو عمران خان مٿان يھودي لاڀي جي ماڻھو ھجڻ وارو الزام واپس وٺي ڇڏيائين اھو چيائين تہ سندس بيان سياسي ھو عمران خان سٺو ماڻھو آھي پر وري 26 آئيني ترميم جي ڳالھ ٿي حڪومت کي مولانا کان آئيني ترميم بل تي صحيح ڪرائڻي ھئي اتي مولانا پھريان ڪافي خدشا ڏيکاريا پر آخر اھو چئي صحيح ڪيائين تہ نانگ جا ڏند مون ڀڃي ختم ڪري ڇڏيا آھن ھاڻ کيس ترميم تي ڪو اعتراض ناھي ساڳي وقت پي ٽي آئي وارن پاڻ تہ بل تي اعتراض ڪيو صحيح ڪانہ ڪئي پر مولانا لاء نرم گوشو اختيار ڪندي اھو چيو ويو تہ ھن کي ان معاملي تي ڇوٽ آھي مٿس ڪابہ ناراضگي نہ ٿيندي پر اھا خبر اڃا واضع نہ ھئي تہ مولانا ڪھڙي نانگ جا زھريلا ڏند ڀڃي پوء 26 ترميم جي بل تي صحيح ڪئي ھئي پر ھاڻ مولانا پاڻ اڻ سڌي طرح اعلان ڪري ٿو مدرسن کي رجسٽر ڪرڻ وارو اشو وياج کي ختم ڪرڻ ان بل پاس ڪرڻ سان مشروط ھئا مولانا جي مرضي مطابق صدر ڇالاء بل تي صحيح نہ ڪئي مولانا جي تہ صدر آصف علي زرداري سان ڪافي ويجھڙائي رھي آھي ڪڏھن مولانا آصف وٽ تہ ڪڏھن آصف مولانا وٽ وڃي مسئلن کي سلجھايو آھي پر تازو صدر جي حيثيت ۾ مدرسن جي رجسٽريشن ڪرڻ واري بل تي صحيح نہ ڪرڻ آصف علي زرداري ۽ مولانا جي دوستي ۽ ھم آھنگي ۾ ٿورو کٽاس ضرور وجھي ڇڏيو آھي اھو ڪيترو ھلندو اھا ھڪ ٻي ڳالھ آھي مولانا صدر تي سڌي تنقيد ڪئي آھي بل تي صدر زرداري اعتراض ورائيندي پنهنجا تحفظات ورجايا آھن صدر صاحب جو چوڻ آھي تہ مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ موجوده طريقيڪار کي نظر انداز ڪرڻ سان سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، جن ۾ بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (FATF) ۽ يورپي يونين جي جنرلائزڊ اسڪيم آف پرفينسز پلس (GSP+) جو منفي جائزو شامل آهي ۽ اھو خدشو موجود آھي تہ رجسٽر ڪرڻ سان ٻيون عالمي پابنديون لاڳو ٿي سگھن ٿيون صدر اسيمبلي ميمبرن کي تجويز ڏني آهي تہ مدرسن بابت بل ٺاهڻ ۾ عالمي مسئلن کي نظر ۾ رکيو وڃي ڇاڪاڻ تہ ايڪٽ تحت سوسائٽيز رجسٽرڊ ٿينديون تہ ايف اي ٽي ايف ۽ جي ايس پي سميت ٻين پابندين جو خدشو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي تہ پاڪستان جي حڪومت صدر پاڪستان جي اعتراضن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪوششون جاري آهنبل پاس نہ ٿيڻ تي ٻئي پاسي مولانا جو ھر فورم تي ساڳي ڳالھ ھلي ٿي ٿي تہ مدرسا بل ايڪٽ پاس ٿي چڪو آهي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ديني مدرسن جي معاملي کي غير ضروري طور تي اُلجهايو ويو آهي، اسان کي علمائن سان ڪو بہ اختلاف ناهي اسان جي شڪايت صرف رياست جي صدر سان آهي.مولانا فضل الرحمان چئي ٿو تہ اڄڪلھ مدرسن جي رجسٽريشن تي سياست ڪئي پئي وڃي، ديني مدرسن جي رجسٽريشن جو بل حڪومت تيار ڪيو هو، اسان 26هين آئيني ترميم جو مطالبو ڪندي چونڊن کان اڳ شهباز شريف حڪومت اڳيان بل آندو جنھن جي ٻنهي ايوانن ۾ اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي پوء ھاڻ ان تي اعتراض ڇو ٻئي پاسي صدر اھو بہ چيو آھي تہ بل جي پيرا 6 ۾ ڏنل ترميم ڪئي وئي آهي، موجوده سمري کي آئين جي آرٽيڪل 75 جي شق 1 جي حوالي سان موڪليل سمري طور ورتو وڃي، ڇاڪاڻ تہ ان کان اڳ واري سمري کي نظرانداز ڪيو ويندوڇوتہ بل آئيني شقن مطابق نہ موڪليو ويو آھي. ڏٺو وڃي تہ صدر زرداري تجويز ڪيل بل ۾ آئيني ۽ قانوني تضادن کي ھڪ طرف اجاگر ڪيو آھي ساڳي وقت هن نشاندهي ڪئي آھي تہ اصل قانون، پاڪستان مدرسا ايجوڪيشن (اسٽيبلشمينٽ اينڊ انيليشن آف ماڊل مذهبي مدرسا) بورڊ آرڊيننس 2001، ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ٽرسٽ ايڪٽ 2020، اڳ ۾ ئي نافذ آهن،ساڳي وقت ترميم ۾ اها وضاحت نہ ڪئي وئي آهي تہ اها موجوده قانونن کي ڪيئن ختم ڪندي، صدر اھو بہ چيو آھي تہ ترميم جي سيڪشن 21 جو شق 6 موجوده قانونن کي مناسب شقن کانسواءِ منسوخ ڪري سگهي ٿو.هن لکيو آھي تہ ”صوبن پاران سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ڪيل ترميمن جي نتيجي ۾ اهو ايڪٽ عملي طور اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) جو قانون بڻجي ويو آهي، پر تجويز ڪيل ترميم جو دائرو واضح ٿيڻو آهي. “اهو صرف ICT ۾ لاڳو ٿيڻ گهرجي ها هن نشاندهي ڪئي آھي تہ ايڪٽ ۾ فائن آرٽس جهڙا شعبا شامل آهن، جيڪي مدرسي جي تعليم سان ٽڪراءُ ڪن ٿا ۽ آئين جي آرٽيڪل 227 تحت قانوني چئلينجز پيدا ڪري سگهن ٿا.صدر خبردار ڪيو آھي تہ سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ تحت مدرسن کي رجسٽر ڪرڻ سان اڳ ۾ موجود معاشرن کي فرقيواريت ۽ ان جي رجحانن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن اهو بہ چيو آھي تہ ڪيترن ئي مدرسن کي هڪ ئي سماج هيٺ هلائڻ جي اجازت ڏيڻ سان ”جاگيرداري“ رجحانن کي جنم ملي سگهجي ٿو جنھن ڪري اھو نوٽ ھڻي صدر ان بل تي صحيح ڪانہ ڪئي تنھن کان جمعيت علماءِ اسلام (ف) صدر جي اعتراضن تي سخت تنقيد ڪندي پنھنجي مھم جوئي ۾ لڳي پئي آھي صدر تي الزام هنيو آهي تہ هو ٻاهرين دٻاءُ آڏو جهڪي رهيو آهي جي يو آئي جو چوڻ آھي تہ صدر جا اعتراض حيران ڪندڙ آھن تيئن جي يو آءِ (ف) جي ترجمان اسلم غوري جو چوڻ هو تہ صدر جا اعتراض آئين ۾ ڏنل 10 ڏينهن جي مدي ۾ نہ اٿاريا ويا، قسطن ۾ ڪيل اعتراضن جي ڪا بہ قانوني حيثيت ناهي ھن چيو آھي تہ اعتراض قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن موڪلڻ گهرجن ها، اسپيڪر ڏانهن موڪليل اعتراضن جا جواب اڳ ئي اچي چڪا آهن.ساڳي وقت جي يو آءِ (ف) حڪومت تي بل جي منظوري ۾ دير ڪرڻ جو الزام لڳايو آھي ۽ مدرسن خلاف سازش جو اشارو ڏنوآھي جي يو آئي ف مطالبو ڪيو آھي تہ اعتراضن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي ۽ بل کي بنا دير پاس ڪيو وڃي بھرحال مدرسا ترميمي بل تي قومي اسيمبلي بحث ٿيو آھي ايم ڪيو ايم ترميم جي حوالي سان مولانا سان بيھڻ جو اشارو ڏنو آھي ھڪ طرف مولانا مدرسا ايڪٽ ترميم چاھي ٿو ٻئي حڪومت پابندين کان خوفزدہ آھي ھاڻ ڇا ٿيندو ان لاء ڪجھ چوڻ وقت کان اڳ ھوندو.
نقوي ۽ امين ۾ ملاقات ڪرم ۾ امن لاءِ ڪوششن بابت ڳالهيون
ڪراچي ۾ ڊمپرز کي تعميراتي مواد آڻڻ جي اجازت آهي: شرجيل ميمڻ
ڪرينا ۽ شاهد ڪپور هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ، تصوير وائرل
خالد سومرو قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج: انڊيڪس ۾ 1123 پوائنٽس جي واڌ
ڪرم مان بنڪرز ۽ هٿيارن جي خاتمي کانسواءِ پائيدار امن ممڪن ناهي
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان
آمريڪي پابندين جو پاڪستان تي ڪوبه اثر نه پوندو: مليحا لوڌي
بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت کان انڪار واري پاليسي آھي
ڪوهلي ۽ انوشڪا جلد ڀارت ڇڏي ويندا: اڳوڻي ڪوچ جي دعويٰ
مدرسا ايڪٽ ترميم بل تي اعتراض، مولانا جي ناراضگي ڪيئن ختم ٿيندي؟
سنڌيار سکر 20 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 20 ڊسمبر 2024ع
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ قريشي سميت 14 تي فرد جرم لاڳو
ٻي ون ڊي: پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 81 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
عوام کي سستي ۽ صاف بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪريون پيا
پي ٽي آءِ باني خلاف پوسٽ، سلمان احمد جي پارٽي رڪنيت ختم
ڪراچي وارا هوشيار! موسميات کاتي اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي
پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران زخمي ٿيندڙ ٻيو رينجرز اهلڪار شهيد
ڪرپشن گهٽ ٿي ته قرضن جي ضرورت ئي نه پوندي: خواجا آصف