آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينٽرل سليڪشن بورڊ جي انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد تي آفيسرن کي 20 کان 21 گريڊ ۾ ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق درخواستگذار محمد طاهر حسن جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سينٽرل سليڪشن بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ درخواستگذار محمد طاهر حسن جي پروموشن تي سول سرونٽس پروموشن رولز تحت غور ڪيو وڃي، عدالت چيو ته بورڊ کي اهڙي انٽيليجنس رپورٽ تي غور نه ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ آفيسر کي ڊپارٽمينٽل سطح تي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو موقعو نه مليو هجي.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ قابل وزيراعظم ڪيئن لاپرواهي سان ائين ٿيڻ جي اجازت ڏئي ٿو. بيوروڪريسي کي بغير ثبوتن جي اهڙين انٽيليجنس رپورٽن جي رحم ڪرم تي ڪيئن ڇڏيو ويندو؟ اهڙين حالتن ۾ وزيراعظم بيوروڪريسي کان حڪومت جي خدمت جي ڪهڙي اميد رکي ٿو؟

پهنجو تبصرو موڪليو