فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ)فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي اوپننگ بيٽسمين روبين اٿپا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، جيڪو 2007 ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو هو.ڀارتي ميڊيا موجب اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر رابن اٿپا جا مبينه طور تي اي پي ايف او (ايمپلائيز پروويڊنٽ فنڊ آرگنائيزيشن) فراڊ ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.روبين اٿپا تي الزام آهي ته هن هڪ ڪمپني جي انتظام دوران ملازمن جي پگهارن مان 23 لک رپيا ڪٽيا پر پروويڊنٽ فنڊ تحت لاڳاپيل کاتي ۾ جمع نه ڪرايا.پوليس ۾ داخل ڪرايل شڪايت موجب بقايا جمع نه ڪرائڻ سبب متاثر ملازمن جا پي ايف اڪائونٽس بند ٿي رهيا آهن.ڪرناٽڪ پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته روبين اٿپا کي 27 ڊسمبر تائين گرفتار ڪيو وڃي.ڀارتي ميڊيا موجب اهي وارنٽ 4 ڊسمبر تي جاري ڪيا ويا هئا پر اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ڪرناٽڪا جي شهر پلڪيشين نگر ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي موجود نه هو.

پهنجو تبصرو موڪليو