پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تي گهر ڀاتين پاران قيد ڪيل ڇوڪري کي پوليس بازياب ڪرايو.پوليس موجب ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي ۾ گهرڀاتين ڇوڪريءَ کي پسند جي شادي ڪرڻ تي گهر ۾ قيد ڪيو هو، جنهن کي آزاد ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارروائي متاثر ڇوڪري جي وڪيل جي درخواست تي ڪئي وئي ۽ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ ڇوڪري جا والدين، چاچا، ڏاڏي ۽ پاڙيسري شامل آهن.پوليس کي ڏنل پنهنجي بيان ۾ ڇوڪريءَ چيو ته گهر وارن مٿس تشدد ڪيو ۽ پسند جي شادي ڪرڻ جي مطالبي تي سندس وار ڪٽيا، مان پنهنجي والدين سان گڏ رهڻ نٿي چاهيان.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مقتول ڇوڪري جي فرياد تي قائد آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو