ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ)قانون ۽ انصاف واري صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي ايجنڊا ۾ شامل نه هوندي.ٽيڪسلا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي.بئريسٽر عقيل ملڪ جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ پهريان ٽي او آرز درست ڪرڻا پوندا، ٽي او آرز ۽ ايجنڊا طئي ڪرڻ کانپوءِ معاملو اڳتي وڌي سگهي ٿو.هن چيو ته عدالتن جا ڪم هوندا آهن، عدالتن جا فيصلا هوندا آهن، عدالتي نظام هوندو آهي، عدالتي نظام پنهنجو ڪم ڪندو. جيڪڏهن ڪو اهو سوچي رهيو آهي ته ڳالهين جي آڙ ۾ ڪو معاملو يا نرمي ٿيندي ته پوءِ انهن کي غلط فهمي آهي.ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته معافي ڏني ويندي، 9 مئي جا ڪيس پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندا، ڳالهيون الڳ ڳالهه آهي ۽ قانون تي عملدرآمد الڳ ڳالهه آهي.سندس چوڻ هو ته حڪومت اڳ به سنجيده هئي ۽ هاڻي به سنجيده آهي، 10 مهينن کان اتحاد ۽ اسان هڪ ئي راڳ ڳائي رهيا آهيون، مسئلن جو واحد حل ڳالهيون آهن.بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته سول نافرماني جي بندوق لٽڪائي اسان تي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ اسان کي ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن اسان ڳالهين تي آياسين ته اهڙي طرح ڳالهيون نه ٿي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو