مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته حڪومت طرفان ڳالهين واري ڪميٽي جو قيام خوش آئند آهي.شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته هو پارٽي کي صلاح ڏئي ٿو ته سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪئي وڃي.هن چيو ته حڪومتي ڪميٽي کي موقعو ڏنو وڃي، اميد آهي ته ٻئي پارٽيون ڳالهين واري عمل ۾ مثبت ڪردار ادا ڪنديون.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته سياسي استحڪام لاءِ ڳالهين جو عمل تمام ضروري آهي، اميد آهي ته ڳالهين واري عمل جا هاڪاري اثر پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو