مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي

لاهور (ويب ڊيسڪ)مهانگي بجلي ۽ سولر جي استعمال سبب لاهور ۾ بجلي جي طلب ڪيترائي ڀيرا گهٽجي وئي آهي.لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) ذريعن موجب اڄ بجلي جي طلب 1700 ميگاواٽ جي گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي آهي، انهن ڏينهن ۾ بجلي جي طلب 5 هزار ميگاواٽ کان به وڌيڪ هئي.ليسڪو ذريعن موجب بجلي جي مهانگي اگهه سبب وڏيون صنعتون بند يا سولر تي منتقل ٿي ويون آهن، جڏهن ته گهريلو صارفين به بجلي جي طلب گهٽ ڪري ڇڏي آهي.توانائي جي ماهر محمد ياسين چيو آهي ته بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي هڪ انتهائي سنجيده مسئلو آهي.حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي بجلي جا اگهه گهٽائي،سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن صنعتون بجلي استعمال ڪنديون ته گهرج وڌي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو