نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪراچي ۾ پاسپورٽ آفيس عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو ڪري پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ ايندڙ شهرين سان ملاقات ڪري عملي بابت پڇاڳاڇا ڪئي، سندس چوڻ آهي ته شهرين کي هاڻي مقرر وقت اندر پاسپورٽ ملي ويندو، پاسپورٽ ملڻ ۾ دير جو ازالو ڪيو پيو وڃي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪراچي ۾ پاسپورٽ آفيس عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو ڪيو.وفاقي گهرو وزير پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ ايندڙ شهرين سان ملاقات ڪري عملي بابت پڇاڳاڇا ڪئي. شهرين پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي نظام جي ساراهه ڪندي اطمينان جو اظهار ڪيو. شهرين وفاقي گهرو وزير سان ڳالهائيندي چيو ته هو پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيا آهن ۽ ڪجهه منٽن ۾ ڪم به ٿي ويو آهي، پاسپورٽ ٺهرائڻ ۾ ڪابه ڏکيائي پيش نه آئي نه ئي انتظار ڪرڻو پيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته شهرين کي هاڻي مقرر وقت اندر پاسپورٽ ملي ويندو، پاسپورٽ ملڻ ۾ دير جو ازالو ڪيو پيو وڃي، شهرين طرفان پاسپورٽ ۽ نادرا سينٽر نظام جي واکاڻ اطمينان جوڳي آهي. وفاقي گهرو وزير ڪيترن ئي شهرين جي سڃاڻپ ڪارڊن جي مسئلي کي فوري طور حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاسپورٽ ۽ نادرا جي عملي سان به ملاقات ڪئي ۽ کين شاباش ڏني. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نادرا سينٽر ڊفينس ۾ صفائي جو نظام بهتر بڻائڻ جو حڪم به ڏنو. وفاقي گهرو وزير چيو ته هو شهرين جي سهولت لاءِ پاسپورٽ آفيس ۽ نادرا سينٽرن جا دورا ڪري رهيو آهي، شهرين طرفان پاسپورٽ ۽ نادرا سينٽر نظام جي واکاڻ اطمينان جوڳي آهي……….

پهنجو تبصرو موڪليو