وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار

اعجاز ممنائي

تعليم ڪنھن به معاشري ۾، شعور، کوجنا ۽ سماجي تبديليءَ جو اھڃاڻ ھوندي آھي. اھي سائنسدان، ڊاڪٽر، انجينيئر، ڪاروباري ماھر، بينڪر، سماجي ۽ ٻين سمورن علمن جا اڪابر تعليم جي ذريعي ئي پيدا ٿين ٿا . اها تعليم ئي آهن جنهن وسيلي انسان ۾ نوان لاڙا ۽ نوان خيال ڦٽي پروان چڙھن ٿا. تعليم کي سياسي شعور ۽ تربيت جي نرسري چئجي ته غلط نه ٿيندو۔ تعليم انساني ڀلائي، رواداري، ترقي، خيالن جي پختگي ۽ سچائيءَ جي اهڃاڻ آهي.اگر اوهان ملڪن جي سراسري آمدني جي لحاظ کان درجابندي ڪيو ته ان ۾ اڳيان اڳيان اھي ملڪ نظر ايندا جن تعليم جي شعبي ۾ گھڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي. اعليٰ تعليم ملڪ جي مستقبل جو بنياد ھوندي آهي. اها پڙھيو لکيو طبقو پيدا ڪري ٿي، جيڪي پيداوار لاءِ اھم ھوندا آھن ۽ اڳتي هلي انھن مان ئي ملڪ توڙي ادارن جا سربراهه ٿيندا آهن. تڏھن ته نيلسن منڊيلا چيو ھو ته ”تعليم اھو واحد ھٿيار آھي جنھن سان دنيا کي تبديل ڪري سگھجي ٿو“   اڄ جي دور ۾ ڏٺو وڃي ته تعليم جي معيار دولتمند لاء الڳ ۽ غريب لاء الڳ جوڙيو ويو آهي۔ ادارن جون مهانگيون فيسون غريب جي پهچ کان مٿي هجڻ ڪري هو تعليم طرف سنجيدگي اختيار ئي نه ٿو ڪري باوجود ان جي شهرن کان ٻهراڙيء جي شاگردن جو معيار وڌيڪ بلند ۽ بالا ڏسجي ٿو۔گذريل سال سنڌ يونيورسٽي طرفان پنهنجن ڇھن ڪئمپسز لاءِ 72 ڊپارٽمينٽز لاءِ داخلا جي ٽيسٽ ورتي وئي جتي 14825 سيٽن لاءِ 21328 شاگردن ٽيسٽ ڏني جن مان فقط 4357 شاگرد ٽيسٽ پاس ڪري سگهيا. جنهن کان بعد يونيورسٽي انتظاميه پاسنگ ريشو 50 پرسنٽ مان هٽائي 30 پرسنٽ تي آندو آهي.مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ به گذريل سال ٽي دفعا ۽ هن سال ٻه دفعا اداري ۾ انٽري يا داخلا جي ٽيسٽ ورتي ۽ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي به گذريل ڪجهه سالن کان ٽي ٽي دفعا ٽيسٽ وٺندي رهي آهي ۽ اهي ڳالهيون به گردش هيٺ آهن ته ميڊيڪل ۾ سنڌ جا اميدوار گھٽ پاس ٿي سگهن ٿا جنهن جي ڪري گذريل سالن ۾ ڪجهه ميڊيڪل جون سيٽون بين صوبن وارن کي مليون. جنهن بعد سنڌ ۾ بجاءِ تعليم جي بهتري جي, الڳ ميڊيڪل ٽيسٽ جو مطالبو رکيو ويو هيو۔ تازو آءِ بي اي سکر پاران ورتل ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز ايڊميشن ٽيسٽ (ايم ڊي سي اي ٽي) 2024 جي ري ٽيڪ جي حتمي نتيجن جي لسٽ ظاهر ڪئي وئي آهي. جنهن موجب ڪراچي مان رڳو 10 اميدوار ٽاپ 100 ڪامياب اميدوارن ۾ شامل ٿيا سگهيا آهن. آءِ بي اي سکر پاران جاري ڪيل نتيجن موجب ڪراچي جي اڪثريتي شاگرد ٽيسٽ پاس ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، جڏهن ته صرف 43.29 سيڪڙو اميدوارن ايم بي بي ايس جي داخلا لاءِ ٽيسٽ پاس ڪئي.جڏهن ته 50.66 سيڪڙو اميدوارن BDS لاء ڪامياب ٿي ويا. ڪراچي جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ آبادي، وسيلن، موقعن ۽ بهترين تعليمي ادارن وارو شهر آهي، ان اجگر شهر مان ڪوبه اميدوار 192 مارڪون کڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. ان هوندي به گهٽ مارڪون کڻندڙ ڪراچي جا اميدوار ڪراچي ڊويزن لاء مخصوص ڪيل ڪوٽا جي بنياد تي ڪراچي جي بهترين ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخل ڪيا ويندا. جڏهن ته ٻين ضلعن جا وڌيڪ مارڪون کڻندڙ صوبي جي بهترين ڪاليجن ۾ داخل ڪرڻ کان محروم ڪيا ويندا.  ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلائن لاء ڪراچي کانسواء هر ضلعي جي الڳ الڳ ڪوٽا رکيل آهي. جڏهن ته ڪراچي ڊويزن جي 7 ضلعن لاء الڳ الڳ ڪوٽا  رکيل ناهي. اتي وري سمورن 7ن ضلعن جي هڪ ڪوٽا رکي وئي آهي، ته جيئن هڪ مخصوص لساني گروه کي ناجائز طور تي داخلائون ڏئي سگهجن. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ انڊيجينيس سنڌي ۽ بلوچ اميدوار داخلائون ملڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا. ڪراچي جي اعلئ تعليمي ادارن کان سنڌي ۽ بلوچ اميدوارن کي ٻاهر رکڻ لاء ڪيئي دٻڙ ڌونس وارا قائدا قانون گذريل مني صدي کان لاڳو رکيا ويا آهن. جن ۾ اربن رورل ڪوٽا، ضلعي وار ڪوٽا، ڪراچي ڊويزن جي ڪوٽا، ڪراچي سنڌ پاڪستان ڪوٽا، ڪراچي جو اميدوار ۽ انهن جي والدين جو ڊوميسائيل، ڪراچي بورڊن جي ميٽرڪ ۽ انٽر ميڊيٽ پاس ڪرڻ جو شرط، ڪراچي ڪيچمينٽ جو شرط وغيره. اهي ۽ اهڙا ٻيا هٿ ٺوڪيا شرط انڊيجينيس سنڌي ۽ بلوچ ماڻهن خلاف تعصب ۽ انهن سان مقابلي نه ڪري سگهڻ  جي اهليت جي ڪري لاڳو ڪندا رهيا آهن. سنڌ ۾ اربن رورل ڪوٽا جو نظام رڳو 10هن سالن لاء آئين ۾ شامل ڪيو ويو هو. جنهن ۾ ڊڪٽيٽرن  مرحلي وار 40 وڌيڪ سالن جي واڌ ڪندا رهيا. جيڪي پڻ 2013 ۾ پوريون ٿيون. ان کان پوء به اربن رورل ڪوٽا سنڌ ۾ جاري ڪيل آهن. اربن رورل ڪوٽا ٻي ڪنهن به صوبي ۾ ڪڏهن به لاڳو نه ٿي آهي. اهو ناسور رڳو سنڌ ۾ روا رکيل آهي. اسان ڏهاڪن کان گهرون ڪندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ اربن رورل ۽ ٻيو سڀ ڪوٽائون ختم ڪري، ڪل سنڌ بنيادن تي کليل چٽاڀيٽي وسيلي اعلئ تعليمي ادارن ۾ داخلائون ۽ سرڪاري ملازمتون ڏيو. ٽيسٽ ۾ ويٺل 38 هزار اميدوارن مان سڀ کان وڌيڪ 192 مارڪون کڻندڙ اميدوارن جو تعلق راڻي پور، بدين، خيرپور ۽ ٿرپارڪر سان آهي.سنڌ سرڪار کي هاڻي سنجيدگيء جو مظاهرو ڪري وڏن شهرن بجاء پوئتي پيل ضلعن تي خصوصي توجه ڏيڻ گهرجي ۽ وڏن شهرن جي ڪاليجن واريون سهولتون ننڍن شهرن جي ڪاليجن کي فراهم ڪرڻ گهرجن جتي تعليمي معيار وڌيڪ آهي۔ اهي والدين جيڪي ڏينهن رات پورهيو ڪري هن مهانگائي جي دور ۾ پنهنجن اولاد کي وڏن وڏن سينٽرن تي ڳريون فيئون برداشت ڪري سالن جا سال پڙهائين ٿا انهن کي به پنهنجي اولاد جي بهتر مستقبل لاء پريشانين کان بچڻو پوندو ۽ ٻارن جي صلاحيتن آهر فيصلو ڪرڻو پوندو۔ جڏهن ننڍن شهرن جو شاگرد عالمي سطح تي ڪم ڪرڻ جي قابل آهي ته پوء وڏن شهرن ۾ پڙهندڙ شاگردن تي ڇو ڀاڙڻ گهرجي۔ اسان جي اسڪولن ۽ ڪالجن جا استاد ڏينهن رات شاگردن جي بهتر مستقبل لاء محنت ڪن ٿا انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ حڪومت جي زميواريء ۾ شامل آهي جيڪڏهن سرڪار تعليمي معيار وڌائڻ ۾ واقعي سنجيده آهي ته پوء سموريون سهولتون ڏيڻ سان گڏ بهتر ماحول فراهم ڪري ڏيڻو پوندو ته جيئن سنڌ جو نالو روشن ٿي سگهي۔ 

پهنجو تبصرو موڪليو