ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

ميهڙ:(ن س) ميهڙ ڀرسان کوسه ۽ مگسي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو زرعي زمين تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو کوسه برادري جي ھٿياربندن ميهڙ شهر جي مين روڊ تي فائرنگ ڪري سنڌ ھاري ڪاميٽي جي باني اڳواڻ مرحوم ڪامريڊ حسن مگسي جي پٽ عالم مگسي مٿان فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ سبب عالم مگسي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا اهڙي اطلاع ملڻ تي ون فائيو انچارج فقير محمد برهماڻي موقعي تي پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال ميھڙ پهچايو.پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو جڏهن ته مگسي کوسه تڪرار جي ٻيھر ڀڙڪڻ ڪري علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو