عارف علوي جي 14 فيبروري تائين راهداري ضمانت منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز انور اڳوڻي صدر عارف علوي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار عارف علوي اڳوڻو صدر آهي، سندس خلاف اسلام آباد ۾ ڪيس داخل آهن، درخواستگذار خلاف 10 ڪيس داخل آهن. جسٽس اعجاز انور پڇاڻو ڪيو ته عارف علوي صاحب توهان هتي ضمانت لاءِ آيا آهيو؟ ان تي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ها مان ضمانت لاءِ آيو آهيان، ان کان اڳ به منهنجي خلاف هٿيارن جي فراهمي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، حڪومت موجب مان دهشتگرد آهيان.جسٽس اعجاز انور عارف علوي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اها بدقسمتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو