ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ۽ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان پنهنجي خراب عادتن بابت ٻڌايو.مشهور ڀارتي اداڪار نانا پاٽيڪر سان پنهنجي يوٽيوب چينل تي ڳالهه ٻولهه دوران فلم اسٽار عامر خان انڪشاف ڪيو ته هو هڪ ڀيرو حد کان وڌيڪ شراب پيئڻ جو شڪار ٿيو هو. ان دوران هن چيو ته هاڻ هن شراب پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي پر سگريٽ نوشي جي عادت اڃا به ساڻس آهي.نانا پاٽيڪر کان پڇيو ويو ته ڇا هو ڪڏهن دير سان سيٽ تي پهچندو آهي، عامر جواب ڏنو ته “نه، فلمن لاء آئون هميشه وقت تي آهيان، پر زندگي ۾، مان غير منظم آهيان.”عامر خان وڌيڪ چيو ته مان پائيپ پيئندو آهيان. مون هاڻي شراب ڇڏي ڏنو آهي، پر ڪو وقت هو جو سڄي رات شراب پيئندو هوس. مسئلو اهو آهي ته مان هڪ انتها پسند آهيان، مان اهو ئي ڪندو آهيان جيڪو مسلسل ڪريان ٿو ۽ اها ڪا سٺي ڳالهه ناهي.”مون کي خبر آهي ته مان غلط ڪري رهيو آهيان پر پوءِ به مان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان،عامر خان واضح ڪيو ته جڏهن هو ڪنهن فلم تي ڪم ڪري رهيو آهي ته هو سخت انتظام ڪندو آهي.نانا پاٽيڪر کيس نصيحت ڪندي چيو ته توهان مسلسل ڪم ڪندا رهو. جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻي هو هر سال هڪ فلم ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي ڇو ته اڳ هو هر ٽن سالن ۾ هڪ فلم ڪندو هو.سندس ايندڙ فلم ستار زمين پر هوندي، جيڪا 2007 جي ڪامياب فلم تاري زمين پر جو سيڪوئل آهي، جنهن ۾ عامر خان، درشيل سفاري ۽ جينيليا ڊي سوزا مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون جيڪي سڀني لاءِ آسان هونديون
پاڪستان ۽ ترڪي جي دوستي کي سرحدن جي ضرورت ناهي
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، انڊيڪس ۾ 210 پوائنٽس جي گهٽتائي
ڪراچي ۾ گرمي پد 9 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان
بشرا بي بي جي 4 ڪيسن ۾ ضمانت منظور
سڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري پنهنجي ساٿي کي قتل ڪري ڇڏيو
غزه ۾ فلسطيني ٽي وي چينل جي گاڏي تي حملو، 5 صحافي شهيد
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ اڄ کيڏي ويندي
سلمان خان ورون ڌون جي فلم کي پر لڳائي ڇڏيا،اچانڪ انٽري
سنڌيار سکر 26 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 26 ڊسمبر 2024ع
صدارتي عهدي سبب آصف علي زرداري جا ٻڌل هٿ
ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي:خاقان عباسي
ديني مدرسن جي رجسٽريشن وارو مامرو، نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور
پ پ 15 سالن کان آهي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي
فوجي ٺڪاڻن تي حملو ٿيندو ته ٽرائل فوجي عدالتون ڪنديون: حڪومت
آرمي چيف پاران مسيحي برادري کي تهوار جي مبارڪباد پيش
ٽنڊي مستي ۾ روڊ حادثو، ٿڃ پياڪ ٻارڙي فوت، 3 زخمي
ناسا جو پارڪر مشن سج جي تمام ويجهو وڃڻ ۾ ڪامياب
فورسز جو ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن، 13 خوارج مارجي ويا