وڏي وزير سان اي سيز جي ملاقات،سول سروس ۾ مهارت کپي،شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)11 نون اسسٽنٽ ڪمشنرن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي ،ترجمان وزيراعليٰ هائوس موجب سنڌ جي وڏي وزير نون اسسٽنٽ ڪمشنرن کي سنڌ ۾ ڀليڪار ڪيو،ملاقات ڪندڙ نوان اسسٽنٽ ڪمشنر جو تعلق پنجاب مان آهي،نوان اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تربيتي پوسٽنگ تي آهن، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته تربيت دوران توهان کي عوام جي خدمت ڪرڻ جو عزم ڪرڻو پوندو، اسان جي ملڪ کي بهترين سرڪاري مشينري جي ضرورت آهي.مراد علي شاهه چيو ته کيس اميد آهي ته توهان جو سول سروس ۾ شامل ٿيڻ هڪ سٺو اضافو ثابت ٿيندو،هن اهو به چيو ته هي مهارت جو دور آهي، هاڻي سول سروس ۾ به مهارت جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو