اعجاز ممنائي
اسرائيل ۽ غزه وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ لکين بي گهر فلسطينين غزه ڏانهن واپسي شروع ڪري ڇڏي آهي. پندرهن مهينن جي جنگ غزه کي ملبي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان جنگ ۾ فلسطينين کي تمام گهڻو نقصان ٿيو. اسرائيل پنهنجي اتحادين جي مدد سان غزه کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.هاڻي فلسطينين جي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي شروع ٿي وئي آهي. لڳ ڀڳ ٻه لک فلسطيني غزه پهچي ويا آهن. اڃا ٻيا پنڌ ۾ آهن اهڙي نموني لکين بي گهر ماڻهو ڪئمپن ۾ پناهگير هئا ۽ سخت ترين زندگي گذارڻ تي مجبور هئا. گذريل آچر تي ان وقت ڇڪتاڻ وڌي وئي جڏهن اسرائيلي فورسز نصيرات جي علائقي ۾ فائرنگ ڪئي پر حماس پنهنجي معاهدي تي قائم رهي آهي ۽ اسرائيل کي پنهنجي معاهدي تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هڪ رپورٽ موجب اٽڪل هڪ سئو اسرائيلي يرغمالي اڃا تائين حماس جي قبضي ۾ آهن. جڏهن ته پنهنجي گهرن ڏانهن موٽندڙ فلسطيني ملبي جي ڍير کي ڏسي آنهون ۽ دانهون ڪري رهيا آهن. اسرائيلي بمباري ۾ 50 ملين ٽن کان وڌيڪ ملبہ پيدا ٿيو آهي، جنهن کي صاف ڪرڻ ۾ 20 سالن کان به وڌيڪ وقت لڳندو ۽ ان تي 1.25 بلين ڊالر خرچ ٿي سگهن ٿا. غزه جي بحاليءَ لاءِ اربين ڊالرن جي سرمائيداري جي ضرورت پوندي. رهائش، اسپتالن ۽ ٻين اڏاوتن لاءِ به مزدورن جي ضرورت پوندي. ان کان سواء ان ڳالهه جو به ڊڄ آهي ته ڪٿي ٻيهر جنگ نه شروع ٿئي ڇوته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي 2000 پائونڊ وزني بم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هي نهايت ئي خطرناڪ بم آهن ۽ ڪنڪريٽ ۽ ڌاتو کي به تباهه ڪري سگهن ٿا. جوبائيڊن انهن بمن کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ انهن تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي غزه تي استعمال ٿي سگهن ٿا. ٽرمپ هي بم ڏئي خطي کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن غزه ۾ ٻيهر جنگ ٿي يا اسرائيل ڪنهن ٻئي ملڪ سان جنگ ڪري ته اها تباهي ۾ اضافو ڪندي. آمريڪي صدر ڇنڇر تي غزه کي خالي ڪرڻ جو منصوبو پڻ پيش ڪيو. ٽرمپ موجب مصر ۽ اردن کي وڌيڪ پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ گهرجي. آمريڪي صدر موجب سڄي خطي کي صاف ڪرڻ لاءِ 15 ملين ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. حماس، اردن ۽ مصر ٽرمپ جي منصوبي کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. حماس جي پرڏيهي لاڳاپن واري شعبي جي سربراهه باسم نعيم چيو آهي ته غزه جي عوام 15 مهينن کان موت ۽ تباهي ڏٺي آهي، تنهنڪري هو بحاليءَ جي آڙ ۾ اهڙي ڪنهن به تجويز کي قبول نه ڪندا. ظاهر آهي، بحاليءَ جي آڙ ۾ غزه لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. غزه ٻيهر تعمير ڪيو پيو وڃي. حماس جي 18 هزار ملازمن صفائي ۽ ٻيون شهري خدمتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان لاءِ غزه جي شهرين کي پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو. ملبي جي صفائي ۽ بحالي هڪ مشڪل ڪم آهي. انهن ڪمن لاءِ پرڏيهي رضاڪار يا مزدور غزه کي نقصان پهچائيندا، ڇاڪاڻ ته مزدور يا رضاڪارن جي صورت ۾ دشمن ٿي سگهي ٿو. معاهدي موجب 600 جي لڳ ڀڳ فوڊ امدادي ٽرڪون گهربل هونديون ۽ انهن جي سيڪيورٽي پڻ ضروري هوندي ڇو ته انهن ٽرڪن تي ڪير به حملو ڪري سگهي ٿو. گڏيل قومن کي گهرجي ته انهن ٽرڪن جي حفاظت جو انتظام ڪن ته جيئن امداد آسانيءَ سان ضرورتمندن تائين پهچي سگهي. غزه جي بحاليءَ لاءِ هاڻي وڏي امداد جي ضرورت پوندي، ۽ مسلمان رياستن کي وڌيڪ مدد ڪرڻي پوندي پر هن مهل تائين ڪنهن به اسلامي ملڪ امداد جي حامي نه ڀري آهي۔ هن وقت غزه جي انتظاميه کي سنڀالڻ به ضروري آهي ۽ حماس ان تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. حماس پوليس روڊن تي گشت شروع ڪري رهي آهي. ان کان سواءِ انتظامي معاملا به حل ٿيڻ لڳا آهن. حماس پوليس پڻ امدادي قافلن جي حفاظت ڪندي ڏٺو آهي. اسرائيل نه ٿو چاهي ته حماس انتظامي يا سيڪيورٽي معاملن تي قبضو ڪري. حماس جو خاتمو اسرائيل جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي. آمريڪا ۽ ڪيترائي ملڪ حماس کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي چڪا آهن.اسرائيل کان علاوه، گڏيل عرب امارات ۽ نئين آمريڪي انتظاميه سميت ڪيترن ئي ڊونرز تي زور ڏنو آهي ته حماس کي جنگ کان پوء اقتدار نه وٺڻ گهرجي. حماس ڪا معمولي تنظيم ناهي، پر ان جون پاڙون تمام گهڻيون مضبوط آهن. غزه جي اقليت حماس جي اقتدار ۾ اچڻ جي حق ۾ نه ٿي سگهي. پر ڪيترائي حماس کي اقتدار ۾ ڏسڻ چاهين ٿا. سيڪيورٽي کان علاوه وزارتون، سرڪاري ادارا به حماس وٽ آهن. اسرائيلي پرڏيهي وزارت طرفان هڪ بيان جاري ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن حماس غزه جي پٽي ۾ اقتدار ۾ رهي ته ٻنهي طرفن کان امن، استحڪام ۽ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿي ويندا. حماس جو سينيئر اڳواڻ اسماعيل هانيه ايران ۾ شهيد ٿي ويو ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ پڻ شهيد ٿي چڪا آهن پر حماس اڃا به مضبوط آهي. پندرهن مهينن جي جنگ ۾ به حماس پنهنجو وجود باقاعده برقرار رکي ويٺي آهي. اسرائيل کي خدشو آهي ته جيڪڏهن حماس طاقت حاصل ڪري ٿي ته اهو اسرائيل جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجندو. حماس کي اقتدار کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي دٻاءُ به وڌي رهيو آهي. غزه جي بحالي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي. اها امداد ٻين روپن کان علاوه دوائن، کاڌي پيتي ۽ نقدي جي صورت ۾ هجڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ اسرائيل کي پڻ پابند ڪيو وڃي ته هو جنگبندي معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪن. غزه جي پناهگيرن کي ٻين ملڪن کان وڌيڪ غزه ۾ رهڻ ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي بقايا زندگي پرامن گذاري سگهن ڇوته انهن جا هزارين ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي لاپتا آهن. هڪ رپورٽ موجب ڏهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن. هزارين زخمين کي سنڀالڻ به ڏکيو ڪم بڻجي ويو آهي. جڏهن ته لاتعداد ماڻهو معذور ٿي ويا آهن ۽ انهن کي سنڀالڻ پڻ مشڪل آهي عالمي برادري بالخصوص مسلم ملڪن کي مظلوم فلسطينين جي هر لحاظ کان ڀرپور مدد ڪرڻ
گهرجي۔
نام نهاد جاگیرداراڻي سماج میں جمهوری حقن جا خواب
عمران خان جو آرمي چيف کي خط، سياست ۾ مداخلت تي نظرثاني ڪريو
ايلون مسڪ پاران يو ايس ايڊ بند ڪرڻ جو اعلان
190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي بدلي
سعودي پاڪستان کي تيل تي دير ادائيگي جي سهولت ڏيندو
زراعت واري کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون
ججن جي بدلي تي راضي ٿيس، ٽرانسفر آئين تحت ٿيو
چين هڪ ٻيو اهم خلائي سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
شهيد الله بخش سومرو جي وڏي ڌيءُ رضيه سومرو لاڏاڻو ڪري وئي
شاهه لطيف ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڇوٽو ٽولي جا 6 جوابدار گرفتار
چوٽياريون واقعي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي جواب عدالت ۾ جمع
زرعي ٽيڪس جو ذميوار ايف بي آر قرار
وڏي وزير پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو
صدر سڀاڻي چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو
شهباز ۽ حمزه خلاف رمضان شُگرملز ڪيس ۾ فيصلو محفوظ
اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي :وزيراعظم
پ پ جو مطالبو رد، پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري ترقياتي اسڪيمون بحال
پيڪا ايڪٽ جو مقصد سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي
سنڌ ۾ پهرين جنوري کان زرعي ٽيڪس لاڳو، 6 لک تائين جي آمدن تي ڇوٽ
ھادي بخش ڀٽ جي ورسي جو پروگرام منعقد،خراج پيش