آصف بالادي
اِنسان جي مرضي، آزاد اِرادي ۽ چونڊ جي اختيار جي ڳالهه ڪندڙ فرانس جو عظيم فلاسافر ۽ اديب جان پال سارتر (Jean-Paul Sartre) ۽ سندس جوڙ جيس، هم خيال دوست ۽ همسفر فرانس جي عظيم ليکڪا سيمون ڊي بوائر (Simone de Beauvoir) ٻيئي “وجوديت” (Existentialism) جي فلسفي جا مهندار ۽ پهرين جوڙ جا مفڪر ۽ اديب هئا. مئي 1968ع ۾ سارتر جي رڳو هڪڙي سٽ:
”We are free to shape our own Lives“
(اسان پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ، پنهنجي مرضيءَ جا پاڻ مالڪ آهيون.)
جو ايترو اثر ٿيو هو جو فرانس جي شهر پئرس (Paris) جون گهٽيون نوجوان شاگردن سان ڀرجي ويون هُيون، جيڪي انهن لفظن کان متاثر ٿي، يونيورسٽيءَ انتظاميا جي هڪ هٽي ۽ ناانصافيءَ وارين پاليسين جي خلاف احتجاج لاءِ نڪري آيا هئا.
لٽريچر ۽ آرٽ جي ان ڪلاسيڪل دؤر ۾ سو به فرانس جي شهر پئرس جون گُلابي شامون. جان پال سارتر ۽ سيمون ڊي بوائر جهڙن عظيم هستين جو جوڙ، هم خيالي، هم آهنگي ۽ “وجوديت” جي موضوع تي گفتگو، خيالن جي ڏي وٺ ۽ ادبي رهاڻيون تصور ۾ آڻڻ سان ڪيڏو نه رومينٽڪ ۽ شاندار احساس وڪوڙي وڃي ٿو.
انسان جو وجود ڇا آهي؟! ڪيترو آزاد، خودمختيار ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ جو پاڻ مالڪ آهي.؟! پنهنجي زندگي جيئڻ ۽ گذارڻ جي ڍنگ ۽ طريقي جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڪيترو بااختيار ۽ آجو آهي؟! اِهڙن سوالن ۽ خيالن جي نتيجي ۾ انسان جي ذات، شخصيت ۽ وجود اندر فڪر ۽ سوچ جو هڪ داخلي طوفان ۽ هيجان برپا ٿئي ٿو. جيڪو ئي کيس “وجوديت” ۽ “تصوف” جي غيرمعمولي ڪيفيتن ۽ احساسن ڏانهن مائل ڪري ٿو. اهڙن خيالن ۽ احساسن سان هڪ انسان کي سندس وجود جي باري پهرين آگاهي ملي ٿي، ڄڻ ته ساڳيو ئي ماڻهو پنهنجو پاڻ سان نئين سِر متعارف ٿئي ٿو، ملي ٿو ۽ پاڻ سُڃاڻي ٿو.
جان پال سارتر کان ڪيئي صديون ۽ زمانا اڳ ۾ به فسلفي جي دنيا ۾ انساني وجود ۽ ڪائنات ۾ سندس حيثيت ۽ هئڻ جي سوال حيرت ۽ تجسُس کي جنم ڏنو ۽ حيرت کان ئي فلسفي جي شروعات ٿئي ٿي.افلاطون چوي ٿو ته:
”Wonder is begning of philosophy.“(Plato)
سڀني فلسفين جي غور ۽ فڪر جو مرڪزي نقطو انساني وجود ۽ ان جي ڪائناتي اسرار سان نسبت ئي رهيو آهي. هن سڄي سنسار ۾ رڳو انسان ئي ڇو منفرد ۽ نرالو وجود آهي؟! کيس ڪهڙيون ڳالهيون ۽ خاصيتون باقي سڄي مخلوق کان الڳ ڪري بيهارن ٿيون.؟!
ڇا؟! اِنساني وجود جو ڪو خاص ڪارج، مقصد ۽ معنيٰ آهي؟ يا ٻين سڀني عام ساهدارن ۽ جانورن وانگر هي به فقط هڪ وجود آهي.؟!
ڪجهه فلسفين انساني وجود ۽ ان جي فطرت کي آفاقي ۽ ڪائناتي جوهر طور بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو جوهر ئي کيس ٻين سڀني وجودن ۽ شين کان الڳ ٿلڳ ۽ نرالي مقام تي بيهاري ٿو. ڪن فلسفين وري انسان کي هڪ سماجي جانور طور بيان ڪندي صرف سندس سوچڻ جي اضافي صلاحيت جو اعتراف ڪيو آهي. اِهڙيءَ ريت هڪڙن فلسفين انساني روح ۽ جسم کي هڪڙي ئي وجود جا ٻه پاسا ڪري بيان ڪيو آهي. ٻين وري جسماني ۽ روحاني قوتن ۽ وجودن کي الڳ الڳ طور بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اِن حوالي سان سارتر جو بيان، اِظهار ۽ اعلان سڀني فلسفين کان مختلف، ڇرڪائيندڙ ۽ حيران ڪندڙ آهي.
”We are not made for any particular purpose or essence“
(اسان جو وجود ۾ اچڻ، ڪنهن به خاص ڪارج، مقصد ۽ معنيٰ لاءِ ناهي.)
وڌيڪ کليل لفظن ۾ سارتر چوي ٿو ته اسان جو وجود اسان جي ڪارج ۽ مقصد کان اڳ ۾ آهي. ان جا مقصد، معنائون ۽ مُرادون پوءِ ٿين ٿيون.
”Our existence precedes our essence“
تنهنڪري اسان کي پنهنجو ڪارج، معنيٰ ۽ مقصد پاڻ لاءِ طئه ڪرڻ ۽ چونڊڻ گُهرجي.
”We have to creat our purpose for our selves.“
سارتر جي نظر ۾ اِنسان جو آزاد اِرادو، مرضي ۽ چونڊ جو اَختيار ئي اِنسان جو حقيقي مان مَرتبو ۽ مقام آهي.
مذهبن، نظرين توڙي سماج، سياست ۽ رياست پاران انسان جو مقصد، مرضي ۽ ڪارج يا معنيٰ مقرر ۽ مُتعين ڪرڻ اِنساني آزادگي ۽ وقار جي خلاف آهي.
سارتر چاهي ٿو ته انسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار وجود طور ڪنهن به سياسي، سماجي، آدرشي، مذهبي ۽ رَسمي اِخلاقي دٻاءُ ۾ اچي وقت جي رَوان، چالو ۽ اڳ ئي مُروج ٿيل ۽ عادت طور قبوليل سوچن، خيالن کي جيئينءَ جو تيئينءَ قبول ڪرڻ بجاءِ پنهنجيءَ مرضيءَ ۽ منشا سان پنهنجو ڪارج، مقصد ۽ معنيٰ چونڊي ۽ طئه ڪري ۽ نئين سر تلاش ڪري.
سارتر صدين کان جاري ۽ موجود خيالن ۽ عقيدن جي سانچن مان نڪتل گهڙيل ٺهيل نظرين ۽ آدرشن ۽ خيالن جو انڪار ڪري ٿو. سارتر کي زندگيءَ جي سدا حيات جاري ساري بَحرِ بيقران ۽ سڄي حيات جي موج تلاتم وارين لهرن جي حُسن ۽ تغير جي آڏو مُجرد سوچون ۽ خيال بيٺل ۽ سينوريل پاڻيءَ وانگر نظر اچن ٿا، جن ۾ ڪا به تخليقي سگهه ۽ زندگي ڪانهي.
اِهو ئي سبب آهي جو سارتر هي ڳالهه سمجهائڻ جي بار بار ڪوشش ڪري ٿو ته: ڪائناتي ۽ آفاقي طور ڪنهن به قسم جي ڪا مقرر ۽ طئه ٿيل يا گهڙيل ٺهيل انساني فطرت آهي ئي ڪانه.
”There is no universal and Fixed Human Nature“
تنهنڪري انسان کي نئين سِر پنهنجو پاڻ کي ڄاڻڻ، سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ گهرجي. ساڳي لطيف سائين واري صلاح آهي ته:
“پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پُنهون ٿيس پاڻ، سَسُئي تان سُور هئا.”
جان پال سارتر جي “وجوديت” واري فلسفي کي سندس هم خيال ۽ همسفر عظيم ليکڪا سيمون ڊي بوائر اڳتي وڌائڻ ۾ پورو پورو ساٿ نڀايو ۽ واضح ڪيو ته “وجوديت” جو فلسفو هڪ انسان طور عورت ۽ مرد لاءِ بنا ڪنهن فرق جي هڪجهڙو لاڳاپيل آهي. توڙي جو اڄ تائين عورت ۽ مرد کي برابريءَ جي بنياد تي بيان ئي نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ان جو اعتراف ڪيو ويو آهي، هُو چوي ٿي ته:
”Man is defined as a Human being and woman as a female.“
سيمون ڊي بوائر جو ڪتاب “The second sex” ان حوالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب آهي.
بهرحال آخر تائين سارتر سياسي معاملن کان پاڻ کي پري نه رکي سگهيو. ان جون صورتون ۽ حڪمتون بدلبيون رهيون. ڪڏهن سياست، ڪڏهن فلسفو ته ڪڏهن لٽريچر سندس آزمائش جو ميدان رهيا.
شايد پنهنجي شخصي آزادگيءَ جي اِحساس ۽ جذبي جو ڀَرم ۽ مان رکندي جان پال سارتر “نوبيل انعام” جهڙي وڏي اعزاز کي به قبول نه ڪيو.
اِهڙيءَ ريت هن پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ ڪوبه سرڪاري انعام ۽ اعزاز نه ورتو.
پئرس جي حسين ترين شامن ۽ رات جي رنگينين ۾ سِگار ۽ پائيپ جي دونهين، اُوچي ۽ اعليٰ قسم جي فرينچ وائن ۽ شراب جي خمارن ۾ هُو پنهنجي وجود جي آزادگي، وقار، مان ۽ مَرتبو محسوس ڪندو رهيو ۽ سيمون ڊي بوائر جهڙي عظيم هستيءَ جو محبت ڀريو ساٿ ماڻيندو رهيو.
نام نهاد جاگیرداراڻي سماج میں جمهوری حقن جا خواب
عمران خان جو آرمي چيف کي خط، سياست ۾ مداخلت تي نظرثاني ڪريو
ايلون مسڪ پاران يو ايس ايڊ بند ڪرڻ جو اعلان
190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي بدلي
سعودي پاڪستان کي تيل تي دير ادائيگي جي سهولت ڏيندو
زراعت واري کاتي جي 110 آفيسرن کي گريڊ 17 کان 18 ۾ ترقيون
ججن جي بدلي تي راضي ٿيس، ٽرانسفر آئين تحت ٿيو
چين هڪ ٻيو اهم خلائي سنگ ميل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
شهيد الله بخش سومرو جي وڏي ڌيءُ رضيه سومرو لاڏاڻو ڪري وئي
شاهه لطيف ۾ پوليس جي ڪارروائي، ڇوٽو ٽولي جا 6 جوابدار گرفتار
چوٽياريون واقعي جي آءِ ٽي جوڙڻ تي جواب عدالت ۾ جمع
زرعي ٽيڪس جو ذميوار ايف بي آر قرار
وڏي وزير پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو
صدر سڀاڻي چئن ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿيندو
شهباز ۽ حمزه خلاف رمضان شُگرملز ڪيس ۾ فيصلو محفوظ
اتحاد ۽ اتفاق سان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي :وزيراعظم
پ پ جو مطالبو رد، پارليامينٽ ميمبرن جون تڪراري ترقياتي اسڪيمون بحال
پيڪا ايڪٽ جو مقصد سوشل ميڊيا جي خطرن جو تدارڪ ڪرڻ آهي
سنڌ ۾ پهرين جنوري کان زرعي ٽيڪس لاڳو، 6 لک تائين جي آمدن تي ڇوٽ
ھادي بخش ڀٽ جي ورسي جو پروگرام منعقد،خراج پيش