ھادي بخش ڀٽ جي ورسي جو پروگرام منعقد،خراج پيش

سکر(ن س) سنڌ جي مسئلن ۽ خاص ڪري زندگي ۽ موت جي مسئلن کي اوليت ڏيندڙن جي حياتيون ھميشا ئي ڏکن ۾ گذري آھن ـ ھادي بخش ڀٽ جي جدوجھد ختم ناھي ٿي ـ اھا ھن معاشري اندر ڪنھن بامقصد تبديلين تائين جاري رھندي ـ انڪري سندس دڳ جي راھي ساٿين کي مايوس ٿي خاموش نه ويھڻ گھرجي ـ اھڙو اظھار ناليوارن اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر بدر اڄڻ سکر آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ جي ادبي ۽ سياسي سڃاڻپ رکندڙ شخصيت ھادي بخش ڀٽ جي ورسي واري تقريب جيڪا سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر طرفان ملھائي وئي ۾ صدارتي تقرير ڪندي ڪيو ـ ان موقعي تي خاص مھمانن ڊاڪٽر اسماعيل ماڪي س ا سنگت ضلعي سکر جي رابطا سيڪريٽري پريل دائي مالڪ کوسي ايڊوڪيٽ سندر چاچڙ ھادي ڀٽ جي پٽ عبدالرحمان ڀٽ پروفيسر منظور بيدار ۽ سنئير صحافي اديب ۽ سماج سڌارڪ مجيد نواز مغل کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ھادي ڀٽ پنھنجي ترقي پسند ۽ انسان دوست سبب پنھنجي ڪٽنب کي گھٽ توجھ ڏئي قربانين جي عظيم مثالون قائم ڪيون ـ جنھن جو ڏک ھر ساڃان وند کي اڄ به آھي ـ ھن بردباري بھادري ۽ ذھانت سان ھڪ سياسي ادبي ۽ سماجي ورڪر جيان متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ـ ھن رسول بخش پليجي جي درسگاھ مان جيڪا تعليم ورتي اھا پنھنجي ٽھي ۽ بعد ۾ ايندڙ ٽھيء تائين پھچايڻ جو فرض بخوبي ادا ڪيو ۽ مرڻ گھڙيء تائين پنھنجي ذات کي دنيا جو آسائشون حاصل ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ـ ھنن وڌيڪ چيو ته ھو شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريء جو ديوانو ۽ وڏو پارڪوـھو ـ شاھ لطيف جي شاعريء بابت وڏن عالمن جيان ڄاڻ جو ڀنڊار ھو ـ مڪمل معني ۽ صحيح تلفظ سان شاھ لطيف چا بيت ۽ وايون پڙھي دوستن کي ٻڌائيندو ھو ـ آمريت جي ڪاري دور ۾ ايم آرڊي ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم اڳواڻ ٿي رھيو ـ جنھن جي جري ھن جيل جون سختيون پڻ سٽيون ۽ پنھنجي ڪٽنب کي پڻ آزمائش ۾ وڌو ـ ھنن چيو ته ھادي بخش ڀٽ جي قدآوار شخصيت ھجڻ باوجود کيس ڪنھن به ادبي ۽ سياسي تنظيم يا پارٽيء کي سندس ورسي ملھائڻ جي جرئت نه ٿي پر سنڌي ادبي سنگت کيس ياد ڪري جيڪا نيئن روايت قائم ڪئي آھي ـ اھڙو عمل تاريخي حيٽيت رکي ٿو ـ ھن ھڪ وڪيل ھجڻ جر حيثيت ۾ سکر ضلعي بار ۾ مک ڪردار ادا ڪيو ۽ وڪيلن جي مسئلن سان گڏوگڏ سنڌ جي قومي ايشوز تي پاڻ ملھايو ـ ھن تقريب کي آغا صورت علي خان اشوڪ ڪمارجامبا ايڊوڪيٽ فيض سومري ڊاڪٽر خادم منگي جاويد ميراڻي ضياء ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي ھادي ڀٽ کي ڀيٽا پيش ڪئي ـ تقريب جي شروعات ۾ نوجوان شاعر آغا صورت عليخان آيل مھمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ـ تقريب جي ڪاروائي سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي نيئن چونڊجي آيل سيڪريٽري ۽ نوجوان شاعر سرتاج حيدر شر ھلائي ـ آخر ۾ نامياري فنڪار گو جوڻيجي سنڌي وائي ڳائي پيش

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو