شهيد الله بخش سومرو جي وڏي ڌيءُ رضيه سومرو لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي پهرين وڏي وزير شهيد الله بخش سومرو جي وڏي ڌيءُ رضيه سومرو لاڏاڻو ڪري وئي.رضيه سومرو 100 سالن جي ڄمار ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.رضيه سومرو تاريخ جي اهم واقعن جي شاهد هئي.مولانا ابو الڪلام آزاد، جناح، نهرو ۽ ٻيا سندس والد جي گهر ايندا ويندا هئا جنهن دوران ساڻن ملاقات ٿيندي هئي.رضيه سومرو سياستدان رحيم بخش سومرو جي ڀيڻ ۽ محمد ميان سومرو جي ماٽيلي ماءُ هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو